GuidePedia

0
ڀٽ شاهه(رپورٽ   شهباز مگسي
ڀٽ شاهه:ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضى شيخ چيو آهي ته 2 ٻن ڏينهن ۾ آبادگارن جي شڪايتن تي ميٽنگ گهرائي آهي جنهن ۾ لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کي ضلعي اندر ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سرڪاري سينٽر کولڻ ۽ آبادگارن تائين بارداني جي رسائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پابند ڪيو ويندو هن چيو ته جنهن به شهر ۾ واپاري  پاران سرڪاري اگهه کان گهٽ ۾ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي شڪايت هوندي اتي فوڊ عملدارن سان گڏجي سرڪاري اگهه تي عمل نه ڪندڙ واپاري خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي
ويندي.
ڀٽ شاهه: مٽياري ضلعي ۾ نئين ڪڻڪ لهڻ باوجود خريداري جا مرڪز نه کلي سگهيا آهن جڏهن ته اڃان تائين آبادگارن تائين باردانو به نه پهچي سگهيو آهي سنڌحڪومت پاران پهرين مارچ تي ڪيل اعلان وارين دعوائن تي زراعت ،فوڊ کاتو ۽ ضلعي انتظاميه عملدرآمد نه ڪرائي سگهيا آهن زراعت کاتي ۽ ضلعي انتظاميه جي نااهلي سبب مٽياري،سيکاٽ،خيبر،اڏيرولعل،کنڊو،ڀٽ شاهه،هالا،نيو سعيدآباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ اسٽيشنن تي سرڪاري خريداري جا مرڪز نه کلي سگهيه آهن جڏهن ته سرڪار جي مقرر ڪيل ٽائيم کان اڳ واپارين غيرقانوني طور ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪري ڇڏي آهي ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 1300 روپيه مقرر هئڻ باوجود واپارين پاران سرڪاري اگهه جي ڀڃڪڙي ڪندي في ٻوري 1000 روپيه ۾ خريد ڪئي پئي وڃي واپاري طبقو سرڪاري سينٽر نه هئڻ جو فائدو وٺندي آبادگارن کي ٺڳي رهيا آهن ان سان گڏ واپارين هڪ ٻوري تي غير قانوني طور 3 ڪلو ڪٽوتي ڪري آبادگارن کي ڦر لٽ جو سلسلو جاري رکيو آهي آبادگار سرڪاري سينٽر نه کلڻ سبب آبادگار گهٽ اگهه ۾ ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن جنهن سبب آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پئجي رهيو آهي ضلعي اندر لکين ايڪڙ ڪڻڪ لهي رهي آهي پر اڃان تائين آبادگارن کي باردانو نه ڏنو ويو آهي فوڊ انسپيڪٽر ۽ ضلعي انتظاميه جي اهڙي غيرسنجيده رويئي خلاف رانا عبدالستار راجپوت،صغير احمد،اڪبر لنجواڻي،مختيارپرهياڙ،راشد حسين،گلڻ خاصخيلي،ميرحسن ڪاڪا،قمر جوڻيجو،فيروز گل ٿهيم جي اڳواڻي ۾ مختلف شهرن جي آبادگارن ڀٽ شاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙ  آبادگارن جو چوڻ هو ته فوڊ انسپيڪٽر ۽ ضلعي انتظاميه ملي ڀڳت ڪري هٿ وٺي خريداري سينٽر نه کوليا آهن جنهن سبب آبادگار مجبوري تحت گهٽ اگهه ۾ ڪڻڪ وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن سان کين ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي آبادگارن وڌيڪ چيو ته فوڊ انسپيڪٽر رڪارڊ ۽ بلن ۾ غيرآباد زمينن جي آبادگارن جا فرضي نالا ڄاڻائي بارداڻو واپارين کي وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن ڪري آبادگار هن سال به بارداني کان محروم رهجي ويندا جڏهن ته مٽياري ضلعي ۾ ڪڻڪ جو فصل 70 فيصد لهي چڪو آهي ۽  15 ڏينهن اندر ڪڻڪ لهڻ ختم ٿي ويندي جنهن بعد واپاري باردانو ظاهر ڪندا جيڪا زميندارن سان تمام گهڻي ناجائزي آهي  آبادگارن زراعت کاتي جي وزير ،وفاقي سرڪار کان  مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد مٽياري ضلعي اندر ڪڻڪ خريدار جا سرڪاري سينٽر کولي آبادگارن کي باردانو ڏنو وڃي ان سان گڏ سرڪاري اگهه تي عمل نه ڪندڙ ۽ ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪٽوتي ڪندڙ  واپارين خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.   

  

إرسال تعليق

 
Top