GuidePedia

0



 ڀٽ شاهه رپورٽ ؛عمران جان راجپوت
چوماسي  جي امڪاني برساتن ۽ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي پلان تيار ڪرڻ ۽ اڳواٽ احتياتي توڙي حفاظتي انتظام مڪمل ڪرڻ بابت اعلى سطحيٰ تي گڏجاڻي
 

خبر موجب ؛.ضلعي مٽياري ۾ چو ماسي  جي امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي روينيو کاتي واري وزير مخدوم جميل الزمان جي صدارت هيٺ مخدوم هائوس هالا ۾ ٿي.جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر مخدوم سعيد الزمان،ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضى شيخ،ضلعي جي ٽنهي اسسٽنٽ ڪمشنرن،ٽائون آفيسرن،ورڪس ۽ سروسز،صحت سوڌو ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.گڏجاڻي ۾ ميڊيا سان  ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته هر سرڪاري کاتو پنهجي ذميداري محسوس ڪندي برساتن کان اڳ پنهنجو هنگامي پلان تيار ڪري ته جيئن ڪنهن به امڪاني اڻوڻندڙ صورتحال کي بروقت منهن ڏيئي سگھجي.هن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ موجود پاڻي جي قدرتي گذرگاھن،ڍورن ۽ ڊنڍن تان فوري قبضا ختم ڪرائي انهن جي بحالي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن برسات جو پاڻي آساني سان نيڪال ٿي سگھي.هن ضلعي جي ٽنهي اسسٽنٽ ڪمشنرن،پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن ۽ ٽائون آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي شهرن ۾ نيڪال جي نظام ۾ سڌارا آڻين ۽ نيڪال جي نالين تان قبضا ختم ڪرائي انهن جي هاڻ کان ئي صفائي شروع ڪري ڇڏين جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪال جي ڀڳل ٽٽل لائينن جي مرمت کي يقيني بڻائين ته جيئن برسات جو پاڻي روڊن تي جمع نه ٿي.هن کين اها به هدايت ڪئي ته شهرن ۽ ٻهراڙين جي هيٺياهن    علائقن مان برسات جي پاڻي جي نيڪال لاءِ پاڻي جي نيڪال وارين مشينن کي فنڪشنل حالت ۾ اسٽينڊ باءِ رکن جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ يا ڪنهن فني خرابي جي صورت ۾ مشينن کي هلائڻ لاءِ اسٽينڊ باءِ جريٽر جي موجودگي کي پڻ يقين بڻائين.هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي برسات دوران ضلعي جي ٽنهي اسپتالن سميت ديهي ۽ بنيادي صحت مرڪزن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جي موڪلن تي پابندي لڳائي ڇڏين ۽  اتي زندگي بچائيندڙ دوائن خاص طور تي نانگ جي ڏنگيل مريضن کي لڳندڙ ويڪسين ۽ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل مريضن کي لڳندڙ ويڪسين جي وڏي مقدار ۾ موجودگي کي يقيني بڻائين جڏهن ته سندن وٽ موجود سمورين ايمبولنسن کي هر وقت تيار رکن ان کان علاوه برسات سبب پيدا ٿيندڙ مختلف بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي اپاءَ وٺن.هن مليريا کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ماڻهن کي مليريا کان بچائڻ لاءِ برسات دوران صبح ۽ شام جو روزانو مڇر مار اسپري ڪن ۽ ماڻهن کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪن.هن آبپاشي کاتي جي عملدارن  پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمنيان جو اظهار ڪندي کين هدايت ڪئي ته اهي برساتن دوران سنڌو درياءِ سميت واهن ۽ شاخن جي بندن جي مضبوطي لاءِ قدم کڻن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳري مشينري،افرادي قوت سميت ٻيا گھربل انتظام اڳواٽ مڪمل ڪري ڇڏين.هن لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ضلعي ۾ موجود جانورن جي سروي ڪري انهن کي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا هڻن ۽ ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ انهن جي چاري جو پڻ بندوبست ڪن.هن بلڊنگ ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي شهرن ۾ پراڻين ۽ خطري وارين عمارتن جي نشاندهي ڪري پنهجي رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري وٽ جمع ڪرائين ته جيئن انهن کي فوري خالي ڪرائي ڪنهن به امڪاني جاني يا مالي نقصان کان بچي سگھجي. هن تعليم کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي اسڪولن جي فهرست ضلعي انتظاميا وٽ جمع ڪرائين ته جيئن ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال ۾ اتي امدادي ڪئمپون قائم ڪري سگھجن.هن چيو ته حڪومت جي اها ڪوشش آهي تي ڪنهن مٿاهن هنڌن تي ٽينٽ سٽي قائم ڪيا وڃن ته اسڪولن ۾ امدادي ڪئمپون قائم ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي ڇاڪاڻ ته اسڪولن ۾ امدادي ڪئمپون قائم ڪرڻ سان تدريسي عمل متاثر ٿي ٿو.هن پوليس کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي به تيار رهن.هن حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي برساتن دوران فيلڊ ۾ موجود رهن ۽ ڪٿي به تار يا پول ڪري ته ان جي فوري بحالي لاءِ قدم کڻن ڇاڪاڻ ته برساتن دوران ماڻهن جو موت گھڻي ڀاڱي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿئي ٿو ان ڪري ان ڏس ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن سمورن عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي موسميات کاتي،ضلعي انتظاميا ۽ پراونشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سان ويجھو رابطو رکن ته جيئن ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگھجي.گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري چيو ته برساتن دوران سندس آفيس ۾ رين/فلڊ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو جيڪو نه صرف ماڻهن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ فوري تحرڪ وٺندو پر سمورن لاڳاپيل کاتن جي ڪارڪردگي جي مانيٽرنگ ڪندو ۽ ان کان علاوه ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن جي پڻ نظرداري ڪندو

إرسال تعليق

 
Top