GuidePedia

0


ڀٽ شاهه رپورٽ امتياز احمد ابڙو
هائير سيڪنڊري اسڪول ڀٽ شاهه ۾ يوم پاڪستان تقريب نهايت عقيدت، احترام سان ملهائي وئي جڏهن ته استادن پاران سرور راجپوت،غلام رسول پنهور،امير بخش خاصخيلي،الهڏنو ملوکاڻي،فاروق سومروعثمان سومرو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شاگردن جي ريلي ڪڍي وئي جيڪا دنبوره چوڪ تي پهتي جڏهن ته استادن  پاران اسڪول ۾ هڪ تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي تقريب کان اڳ اسڪول اندر پاڪستان جو قومي جهندو ڦڙڪايو ويو ۽ پاڪستان جي قومي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون پروگرام ۾ استادن ،شاگردن ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب دوران استادن،شاگردن ۽ اسڪولي ٻارڙن جي آيل والدين  جڏهن ته استادن ۽ شاگردن تقريرون به ڪيون 

 خبر موجب هائير سيڪنڊري اسڪول ڀٽ شاهه ۾ 23 مارچ يوم پاڪستان جي تقريب نهايت عقيدت ۽ احترام سان  ٿي گذري جڏهن ته تقريب کان اڳ پاڪستان جو قومي پرچم لهرايو ويو جنهن بعد استادن ،شاگردن ۽ والدين پاران پاڪستان جي قومي سلامتي ،استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون  جڏهن ته تقريب جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو جنهن بعد استادن ۽ شاگردن تقريب دوران تقريرون ڪيون استاد سرور راجپوت تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان لاءِ جيتري به محنت ڪريون اها گهٽ آهي پاڪستان جي خوشحالي لاءِ جدوجهد جاري رکندا رهنداسين تقريب کي استاد الهڏنو ملوکاڻي،غلام رسول پنهور ۽ ٻين شاگردن خطاب ڪيو جنهن بعد استادن پاران سرور راجپوت،غلام رسول پنهور،امير بخش خاصخيلي،الهڏنو ملوکاڻي،فاروق سومرو،شمس الدين ميمڻ،گلبهار ٿهيم جي اڳواڻي ۾ سوين شاگردن ريلي ڪڍي ريلي هاءِ اسڪول کان ٿيندي دنبوره چوڪ تي پهتي جتي اسڪولي شاگردن وڏي جوش مان پاڪستان زنده آباد جا نعره هنيا.

    

إرسال تعليق

 
Top