GuidePedia

0

ڀٽ شاهه (رپورٽر سهراب خان ڪاڪا 27،03،2016
ڀٽ شاهه ۾ مجلس وحدت مسلمين طرفان بيدار امت و استحڪام پاڪستان نالي سان عظيم عاليشان ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي تمام ننڍن وڏن شهرن ،ڳوٺن مان هزارين ماڻهون قافلن جي صورت ۾ پهتل هئا جڏهن ته  پوليس شهر طرف ايندڙ روڊ سميت شهر جي مک چوڪن ،الله واله چوڪ،دنبوره چوڪ ۽ جلسي واري جڳهه تي پوليس اهلڪار هاءِ الرٽ بيهاريا ويا ان کان علاوه پوليس ۽ اسڪائوٽ جي رضاڪارن جلسي گاهه ۾ ايندڙ ماڻهن جي ماڻهن جي تلاشي ورتي ڪانفرنس کي علامه ناصر عباس جعفري،علامه مقصود احمد ڊومڪي،علامه اعجاز بهشتي،علامه آغا يعقوب حسين،علامه مختار امامي،علامه عبيد الله مطهري،سيد فرمان علي شاهه ،علامه مبشر حسن ،علامه اختر شريفي،برادي ماجد حسين،برادي منور جعفري ۽ ٻين مقررين جلسي گاهه کي خطاب ڪيو علامه ناصر عباس جعفري خطاب ڪندي چيو ته مجلس وحدت مسلمين جو منشور آهي ته هر انسان وٽ پنهنجا حق هجن هن چيو ته اسان سني ۽ شيعه ڀائرن کي گڏ کڻي عالمي ملڪ دشمن طاقتن کي شڪست ڏيڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين هن چيو ته هيءَ سرزمين اهلبيت ۽ مولائين جي سر زمين آهي هن چيو ته اسلم دشمن قوتون مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ٽڪڙن ۾ تقسيم ڪري ۽ فرتون پئدا ڪري اسلام کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون هن چيو ته اسان اسلام جو دفاع ڪرڻ وارا آهيون نفرتن جي مقابنلي ۾ محبتن جا ڏيئا ٻارڻ وارا آهيون هن چيو ته دشمن قائد اعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي حامين کي ويڙهائڻ چاهين ٿا انهن جي اها ناپاڪ خواهش ڪڏهن به 


پوري ٿيڻ نه ڏينداسين هن چيو ته پاڪستان خلاف ٿيندڙ سازشن ۾ اسرائيل،اهلسعود،آمريڪا ۽ پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ جي ٽولن سميت ٻيون عالمي قوتون گڏ آهن هن چيو ته پاڪستان جي اندر قتل جي بازار گرم اهي هن چيو ته اسان کي تباهه،برباد ۽ ڍيڄارڻ  لاءِ اسانج قتل شروع ڪيو ويو هن چيو ته اسان کي ختم ڪرڻ وارن کي حڪمرانن جي سرپرستي هئي انهن کي هٿيار ۽ ٽريننگ ڏني وئي انهن کي اهيا خبر نه هئي ته هنن اسان کي نه پر پوري پاڪستان کي مارڻ ٿي چاهيو اسان انهن جو مقابلو ڪيو اسان گهرن ۾ لڪي نه ويٺاسين بلڪ عالمي منهوس سازشن کي منهن ڏيئي ناڪام بڻايو سين انهن قاتلن کي سياسي،وسماجي،معاشي ۽ مذهبي طور طاقتور بڻائي ملڪ کي خون سان رنگيو ويو انهن قاتلن جي سهولت ڪارن ۽ وطن جي خلاف سازش ڪرڻ وارن کي بي نقاب ڪنداسين هر طرف دوکو ڪوڙ هلي رهيو آهي حڪمران عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن اسان جي جماعت مظلومن جي جماعت آهي جيڪا ظالمن جي خلاف آهي ۽ اسان جا دشمن جج، جرنيل،سياستدان ۽ ملن جا به دشمن آهن پاڪستان جي حڪمرانن جي ٻولي لڳندي آهي هو وڪامجندا آهن هن چيو ته را جو ذڪر ڪري ايران تي الزام لڳايو ويو ته ايران را سان ملي پاڪستان کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي  اسان ڪڏهن به پوليس،فوج تي حملو نه ڪيو آهي علامه مقصود احمد ڊومڪي چيو ته شاهه جي زمين امن ۽ سلامتي جي سرزمين اهي آمريڪا،اسرائيل ۽ السعود دهشتگردن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن هن چيو ته حسينيت جا پيروڪار بم ڌماڪن کان ڍڄڻ وارا نه آهن حسينيت جو پيغام بم ڌماڪن سان نه رڪبو هن چيو ته اسان ظالم جي خلاف اعلان جنگ ڪريون ٿا هن چيو ته حڪومت شهيدن جي وارثن سان واعدو ڪيو هو ته دهشتگردن خلاف اپريشن ڪنداسين جڏهن ته سنڌ ۾ 22 مدرسه دهشتگردن کي ٽريننگ ڏيئي رهيا آهن هن چيو ته حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته شهيدن جي وارثن سان ڪيل واعدو پورو ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو علامه عبدالله متهري چيو ته اسان ظالم جي خلاف جنگ جوٽي آهي ۽ مظلوم جا ساٿي بڻجي ميدان تي لٿا آهيون،علامه مختار امامي چيو ته پاڪستان جي سرزمين ملت جعفريه جي ڪاوشن ۽ ڪوسشن سان وجود ۾ آئي ڇا ڪاڻ جو قائداعظم جو تعلق ملت جعفريه سان هو ان ڪري اسان ئي پاڪستان جا باني آهيون ۽ پاڪستان جي آئين کي مڃڻ وارا آهيون پاڪستان لاءِ ملت جعفريه تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن هن ملڪ جي حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري 65 سالن ۾ اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو اسان جا سوين لاش رستن تي رلندا رهيا پر ڪڏهن به پاڪستان جي قانون کي ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ڪئي پاڪستان کي بچائڻ خاطر هميشه ظلم برداشت ڪيو جلسي کي علامه دوست علي سعيدي ،ظفر عباس ظفر ،سيد فرمان علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.           


إرسال تعليق

 
Top