GuidePedia

0


ڀٽ شاهه رپورٽ.. اختيار علي ميرجت
حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جو مقدس شهر ڀٽ شاهه ضلعي انتظاميه جي لاپرواهي بي ڌياني سبب انيڪ مسئلن ور چڙهي ويو آهي شهر جي مالڪي نه ٿيڻ سبب شهر کنڊرات بڻجي ويو آهي شهر جا مک روڊ رستا درگاهه روڊ،اسٽيشن روڊ،ڀٽ شاهه ٽو هالا لنڪ روڊ،چودگي ،اسپتال روڊ، پي ٽي سي ايل ايڪسچئنج ،هاءِ اسڪول، مين پرائمري اسڪول، بوائز ائنڊ گرلز ڪاليج،صوفي يونيورسٽي روڊ اکڙي تباهه ٿي ويا آهن شهر جون گهٽيون،،فٽ پاٿون ،گٽر نالا به  ٽٽي ويا آهن  الله والا درگاهه روڊ جي فٽ پاٿ تي لڳل لوهي گرل پڻ ٽٽي وئي آهي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن،درسگاهن ،عبادتگاهن،قبرستانن اڳيان  هر وقت گندگي ۽ بدبودار پاڻي بيٺل رهي ٿو جڏهن ته شهر جي مين شاهي بازار، سبزي،گوشت مارڪيٽ،درگاهه چاڙي، دنبوره چوڪ،پوسٽ آفيس روڊ،اسٽيشن روڊ،لطيف ڪالوني،ٻگهيه محله،پير محله ،شيخ محله،پراڻو ملاکڙا گرائونڊ ،شهر جي دڪانن،درسگاهن،عبادتگاهن اڳيان گندگي تمام گهڻي وڌي وئي آهي شهر جي روڊن جي ٻنهي ڪپرن تي گند ڪچري جا ڍير پيل آهن صفائي وارو عملو ۽ ٽائون عملدار ڊيوٽي تان غائب آهن  شهر جا گٽر نالا ابتا وهي رهيا آهن جنهن سبب درگاهه تي ايندڙ زائرين،مسافر،شهري تمام گهڻا پريشان آهن شهر ۾ صفائي سٿرائي ،تيل ۽ ٻين ڪم ڪار جي مد ۾ هر مهيني لکين روپيه ملڻ باوجود شهر ۾ ٽڪي جو به ڪم نه ڪيو ويو آهي ميونسيپل ڪميٽي هالا ۽ ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه ۾ ٿيندڙ بدعنوانين جي سڄاڻ ڌرين پاران نيب،ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن کان اعلى سطحي ابتداعي جاچ ڪرائڻ ۽ ملوث آفيسرن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي   



ڀٽ شاهه: ٽائون ڪميٽي ۾ آفيس عملي سميت صفائي جا 110  ملازم مقرر آهن جن مان اڪثر عملو گهر ويٺي پگهار کڻي رهيو آهي صفائي جي 60 ملازمن مان صرف چند ملازم ڪم ڪندي نظر اچن ٿا باقي ملازم ٽائون آفيسر ۽  ميونسيپل ڪميٽي جي آفيسرن جي آشيرواد سان صفارشي بااثر ماڻهن،پيرن ۽ ڪامورن جي بنگلن ۽ نجي ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن صفائي وارو عملو شهر ۾ مهينن تائين صفائي ڪندي نظر نٿو اچي جنهن سبب شهر جي حالت تمام خراب ٿي وئي آهي صفائي عملي جا گهڻا ماڻهون جوا ، وياج خوري،موٽر سائيڪلن جي واپار جي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا  شهر جي خوبصورتي لاءِ جوڙيل اسڪيمون ڪاغذي ڪاروائين ۽ فائلن تائين محدود ٿي ويون


ڀٽ شاهه: ميونسيپل ڪميٽي هالا کي شهر هالا ۽ ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه لاءِ هر مهيني صفائي سٿرائي ،تيل ۽ ٻئي ڪم ڪار جي مد ۾ 93 لک روپيه ملن ٿا جنهن جو پڻ ڪٿي به ڪاٿو نٿو لڳي انهن فنڊن مان به ڪٿي ڪو ڪم نه ڪيو ويو آهي شهر جي حالت ساڳي ريت جيئن جو تيئن آهيآفيسر طبقو مليل فنڊن جا ڪوڙا بل ٺاهڻ ۾ مصروف آهي    


ڀٽ شاهه: باقر بروهي گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀٽ شاهه ٽائون آفيسر مقرر آهي
ذريعن موجب مذڪوره ٽائون آفيسر مٿان ٽائون ڪميٽي جي فنڊن ۾ خردبرد جا الزام پڻ آهن جن جي جاچ هلندڙ آهي ٽائون آفيسر جي مٿين ليول تي صفارش ٿيل آهي جنهن ڪري هو بنا ڊپ ڊاهه جي ڪرسي تي قبضو ڄمائي ويٺل آهي جڏهن ته ٽائون آفيسر ڀٽ شاهه باقر بروهي مٿان صفائي عورت سان ناجائز لاڳاپا رکڻ جا الزام پڻ لڳي چڪا آهن پر شهر جي بااثر ماڻهن جي مداخلت سبب انهن الزامن باوجود هو اڃان تائين ساڳي عهدي تي مقرر آهي جنهن جي پڻ جاچ ڪئي وڃي

ڀٽ شاهه: ٽائون ڪميٽي جي صفائي واريون عورتون صبح ۽ شام وقت نت نوان جوڙا ڪپڙن جا پائي سرخي پوڊر سان هار سينگهار ڪري ٽائون آفيس ۽ يوسي آفيس جي گيٽن تي گلدستن وانگر نظر اچن ٿيون صفائي عملي جي عورتن جي ناز نکرن ۽ هار سينگهارن تي شهر جا ڪيترائي نوجوان دل هاري ويٺا ٽائون جا ملازم،شهر جون ڄاتل شخصيتون به سندن عشق ۾ سڀ کان اڳ ڀرا آهن ٽائون ملازمن انڌي عشق ۾ اچي صفائي جي ذميواري عوام تي ڇڏي ڏني آهي شهري پنهنجي مدد پاڻ ڪري گھٽر ۽ گهٽين جي صفائي ڪن ٿا صفائي عملي جو سڄو خاندان ٽائون ڪميٽي جي رحم ڪرم تي پلجي رهيو آهي هڪ گهر جا سڀ ڀاتي ٽائون جا ملازم ننڍا ٻار توڙي وڏا ٽائون جا صفائي ملازم ڪيترائي ڊيلي ويجز تي ڪم ڪري رهيا آهن صفائي  عملي جون عورتون سڄو ڏينهن ماڻهن کي عشق جا سوٽا ڏينديون رهن ٿيون جڏهن ته سندن وارث موٽرسائيڪلن تي وڏي آواز ۾ ٽيپ ٻڌي شهر جو گشت ڪرڻ ۾ پورا آهن شهر جي حالت ٻهراڙي جي ڳوٺن کان به بدتر ٿي وئي آهي ضلعي انتظاميه ٻوٽو نه ٻاريو سڄاڻ ڌرين ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي     

ڀٽ شاهه: ڀٽائي پير ،دڪاندار ايسوسيئشن،بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊيل نمائيندا شهر جي خراب حالت تي چپ آهن ڪنهن به شهر جي مسئلن تي آواز نه اٿاريو آهي جڏهن ته شهري ننڊ سمهي پيا آهن ڪامورن کي ڪيش جو نانگ کائي ويو  شهر جي سڄاڻ ڌرين پاران ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي بار بار شڪايتون ڪيون ويون آهن پر ڊي سي جي ڪن تي جونءِ به نٿي سري ڊي سي مٽياري مسئلن جي حل لاءِ شهر جو دورو به نه ڪيو آهي آفيس ۾ پريس رليز ٺاهي ميڊيا ادارن ڏانهن موڪلڻ ۽ فوٽو سيشن ۾ مصروف آهي جڏهن ته شهر جي خراب حالت ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائيندن لاءِ سواليه بڻيل آهي.


ڀٽ شاهه: شهر جي اسٽريٽ لائٽ ناڪاره بڻجي وئي آهي جنهن سبب ڀٽ ڌڻي جو شهر اونڌاهي ۾ ٻڏي ويو ڀٽ شاهه موري کان دنبوره چوڪ تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان بجلي جي ٿنڀن ۽ شهر جي گهٽين ۾ لڳل اسٽريٽ لائٽ جي 10 سالن کان وٺي مرمت نه ڪرائي وئي آهي جڏهن ته شهر قبرستان جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي  


 ڀٽ شاهه : 10 سالن کان وٺي شهر ۾ مڇر مار اسپري نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي مڇرن جي چڪ سبب ننڍڙا ٻار توڙي وڏي ڄمار وارا مليريا بخار،گيسٽرو سميت ٻين پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي اسپتال ڀيڙا ٿي ويا آهن  



 شهر ۾ بجلي جي اک ٻوٽ پڻ جاري آهي جنهن سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن حيسڪو پاران شهر ۾ 12 ،121 بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته رات جو ڪنهن به وقت بجلي بند ٿيو وڃي شهر ۾ هٿرادو بجلي جي لوڊشيڊنگ  سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته شهرين ۽ زائرين کي پريشاني سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي شهرين پاران بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

 ڀٽ شاهه:شهر ۾ جر جو پاڻي کارو ۽ ڪڙو آهي جيڪو انسانن جي پيئڻ لائق نه رهيو آهي  هتان جا رهواسي جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن جر جو زهريلو پاڻي پيئڻ سبب شهري هيپاٽائٽس بي،سي،چمڙي،خارش سميت پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن شهر ۾ آر او پلانٽ به لڳي سگهيه آهن جيڪا ڀٽ شاهه واسين سان تمام گهڻي ناجائزي آهي  

ڀٽ شاهه :شهر ۾ ٻيهر حد دخلين جو آزار وڌي ويو آهي شهر جي روڊڻ جي ٻنهي پاسن کان بااثر ماڻهن ،دڪاندارن،ريڙهي وارن،هوٽل مالڪن،ڪئبنن واران ٻيهر قبضه پڪا ڪري ورتا آهن دڪاندارن دڪانن جي اڳيان ۽ پاسا ريڙهن وارن کي مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيا آهن جنهن سبب ٽرئفڪ هر وقت جام رهي ٿي جنهن ڪري زائرين ،مسافرن کي گس ويندي تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي شهر واسين جو چوڻ آهي ته شهر مان حد دخليون ختم ڪري رهواسين کي سهولتون ڏنيون وڃن.




إرسال تعليق

 
Top