ڀٽ شاهه رپورٽر ؛. رجب بوزدار
ميونسپل عملي ۽ چونڊيل نمائندن جي اقربا پرورين سبب ڀٽ شاهه
جا شهري صفائي جي نظام ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم، زهريلو پاڻي استعمال ڪرڻ تي
مجبور. زهريلي پاڻي ۽ گندگيءَ سبب ڪيترائي ماڻهو،پيٽ چمڙي ۽ مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا.
ميونسپل ۾ ڀٽ شاهه ٽائون جي فنڊن ۾ وڏي پئماني تي بي
قائدگيون ڀٽ شاهه جي سياسي سماجي ساڃاهه وند ڌرين اعليٰ اختيارين کان فنڊن ۾ بي
قائدگيءَ ۾ ملوث عملدارن جي خلاف جانچ جو مطالبو ڪندي شهرين کي صاف پيئڻ جو پاڻي ۽
صفائي جو نظام بهتر ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي.
خبر موجب: ڀٽ شاهه جي رهائشي علائقن شيخ محلا، ٻگهيا محلا،
هنرمند ڪالوني اسٽيشن روڊ، شاهه حبيب چونڪ، وي آئي پي روڊ، جراڙ شاهه ڪالوني، لطيف
ڪالوني، فقير ڪالوني، ڪچي آبادي سميت شهر جي تمام رهائشي علائقن توڙي ڪاروباري
علائقن اندر صفائي جي ناقص صورتحال ۽ نيڪال واري نظام جو ناڪارا ٿيڻ چوطرف گهٽين
توڙي رستن تي گندگيءَ جي ڍيرن سميت گندي پاڻيءَ جا تلاءَلڳي ويا آهن. ٽائون عملي
پاران فنڊن کي درست نموني استعمال نه ڪرڻ ۽ پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهين سبب شهرين عذاب
۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڀٽ شاهه ٽائون ميونسپل هالا ۾ ضم هئڻ ڪري شهر اندر اهڙي
صورتحال پيدا ٿي وئي آهي اهو انهي ڪري جو حڪومت سنڌ طرفان شهراندر صفائي جو نظام
بهتر بنائڻ ملازمن جو پگهار ۽ واٽر سپلائي اسڪيمن کي هلائڻ جي مد ۾ ميونسپل کي هر
ماهه 94 لک روپين جي قسط جاري ٿيندي آهي. پر اها سموري رقم ميونسپل عملدار ۽ ٽائون
عملدار ملي ڀڳت ڪري ڀٽ شاهه شهر تي خرچ ڪرڻ بدران هڙپ ڪري ويندا آهن. ڀٽ شاهه
ٽائون ۾ صفائي جي نظام کي بهتر بنائڻ جي آڙ ۾ هر ماهه تيل جي مد ۾ لکين روپين جا
بل ٺاهي رقم خردبرد ڪئي ويندي آهي ۽ سياسي ماڻهن کي ٽائون جي فنڊن مان گاڏين مان
تيل ڏنو ويندو آهي. ڀٽ شاهه ٽائون ۾ ڪيترائي ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن
۽ ڪجهه فرضي نالن تي به پگهار جاري ٿي رهيا آهن. انهيءَ سبب ڀٽ شاهه شهر جي صفائي
وارو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. شهر جو گند ڪچرو نئين سر بيوٽيفائي ڪيل ڪراڙ ڍنڍ
جي ڪپر سان اڇلايو ويندو آهي ۽ صفائي وارو عملو هڪ ته گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيو
آهي ۽ ٻيا علائقي جي بااثر ماڻهن جي بنگلن تي ڊيوٽيون ڏيڻ ۾ مصروف آهن. ڀٽ شاهه
شهر کي مٺو پاڻي سپلائي ڪندڙ واٽر سپلائي ڪيتري ئي عرصي کان ناڪاره ٿيڻ ڪري شهري
جر جو کارو ۽آلوده پاڻي پيئڻ ڪري پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن.. ڀٽ شاهه
لطيف ڪالوني، پير محلا، شيخ محلا ۾ قائم ڊرينيج سسٽم جي سارسنڀار نه ٿيڻ ڪري اهي
مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن. جنهن ڪري شهر اندر گندو پاڻي درگاهه مين روڊ، دنبوره
چوڪ، وسند ٻگهيو روڊ، اسٽيشن روڊ، گرلز
هائي اسڪول روڊ، وي آئي پي روڊ، سرڪاري اسپتال، هنرمند ڪالوني، سميت هر هنڌ گندي
پاڻي جا تلاءَ موجود رهن ٿا. جنهن لاءِ
شهرين ميونسپل عملدارن ۽ ٽائون عملدارن کي باربار شڪايتون ڪرڻ باوجود انهن ان طرف
ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي. ايتري قدر جو علائقي مان چونڊجي ويل نمائندن به ڀٽ شاهه کي
وساري ڇڏيو آهي. شهرين اعليٰ اختيارين توڙي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته
شهر اندر صفائي ۽ نيڪال واري نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن. ۽ صاف
پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي.
إرسال تعليق