GuidePedia

0

ڀٽ شاهه؛رپورٽ رجب علي بوزدار     
هالا ۾ سروري جماعت جو ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو جنهن جي صدارت سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ۽ سروري جماعت جي چيئرمين ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان عاطف ڪئي ، جنهن ۾ درگاهه جي ولي عهد مخدوم محبوب الزمان ، بچل مغل ، سيد محمد علي شاهه سميت مختلف شهرن مان آيل سروري جماعت جي عهديدارن ۽ ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ، 
ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مخدوم جميل الزمان چيو تـ سروري جماعت پاڻ محبت ۽ ٻڌي
جو اظهار ڪري ، نفرتن کي ختم ڪيو وڃي ۽ جماعت کي وڌيڪ منظم ۽ مضبوط بڻايو وڃي ، هن چيو تـ سروري جماعت سڀني ضلعن ۾ وڏي تعداد ۾ موجود آهي ۽ اسان جي جماعت پيپلزپارٽي سان گڏ رهي آهي ، مختلف تڪن تي جماعت ڪيترن نمائندن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو آهي مگر انهن چونڊيل نمائندن هيشا اسان جي جماعت جي ماڻهن کي نظر انداز ڪيو آهي هن چيو تـ اسان انهن چونڊيل نمائندن ڱي گذارش ڪريون ٿا تـ اسان جي سروري جماعت جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ، جن ماڻهن کي انهن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو آهي انهن جي سار لهن ، جيڪڏهن اهي سار نٿا لهن تـ آئنده اليڪشن ۾ اسان انهن تڪن تي پنهنجي جماعت جا اميدوار بيهارينداسين پوءِ ڀلي انهن کي ڪيترا بـ ووٽ ڇو نـ ملن ، هن چيو تـ منهنجي لاءِ سرور نوح جي گادي کان وڌيڪ ٻيو ڪو بـ عهدو اهم نـ آهي ، سڀني عهدن کان وڌيڪ مون وٽ عهدو آهي ، هن چيو تـ اسان سدائين پيپلزپارٽي سان گڏ رهيا آهيون پيپلزپارٽي اسان جي پنهنجي پارٽي آهي ، سنڌ حڪومت ۽ پارٽي کي بـ گهرجي تـ اسان جي سروري جماعت جي سار لهن ۽ ان جا مسئلا حل ڪن ، جيڪڏهن سروري جماعت جا مسئلا حل نـ ڪيا ويا تـ اسان پنهنجا سياسي فيصلا پاڻ ڪنداسين ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد هونداسين ، هن چيو تـ اسان هميشا مختلف شخصيتن جي حمايت ڪئي آهي وزير اعلا کان وزير اعظم ٿيڻ لاءِ بـ حمايت ڪئي هوندي ، اسان جي خواهش آهي سروري جماعت جو بـ وزير اعلا ٿيڻ گهرجي ، ان کي بـ عوام ، سنڌ توڙي ملڪ پاڪستان جي خدمت جو موقعو ڏنو وڃي ، خطاب ڪندي ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان عاطف چيو تـ تمام جلد سروري جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان روحاني سفر جو آغاز ڪندو ۽ جيڪب آباد ، شڪارپور ، لاڙڪاڻو ، عمر ڪوٽ ، رحيم يار خان ، سانگهڙ ، ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جو دورو ڪري سروري جماعت جي مريدن ۽ عقيدتمندن سان گڏجاڻي ڪندو ، هن چيو تـ سروري جماعت هڪ نئين جوش ۽ ولولي سان منظم ۽ متحرڪ ڪيو ويندو ، ڪنويشن دوران اتفاق راءِ سان قرارداد منظور ڪيا تـ سروري جماعت پنهنجي روحاني پيشوا جي هر سياسي توڙي غير سياسي فيصلي ۾ مڪمل طور تي ساٿ ڏيندي ۽ پاڪ فوج جي خدمتن جي پڻ مڪمل حمايت جاري رکي ويندي ،  


إرسال تعليق

 
Top