GuidePedia

0
ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) سپريم ڪورٽ وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي رينجرز جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي گذريل سال پيرول تي آزاد ڪيل سنگين ڏوهن ۾ ملوث قيدين جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته دهشتگردي ايڪٽ تحت چالان ٿيل قيدين کي پيرول تي ڪيئن آزاد ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته دهشتگردي ايڪٽ تحت گرفتار ملزم کي پيرول تي آزاد نٿو ڪري سگهجي،


 آءِ جي سنڌ، اي آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءَ الله عباسي جي شڪايت لڳائي ڇڏي، آءِ جي چيو ته جڏهن ثناءَ الله عباسي کي خبر هئي ته پوليس اهلڪار ڀنگ لاءِ اغوا ۾ ملوث آهن ته هن ايف آءِ آر ڇو نه داخل ڪئي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بئنچ ڪالهه ٻئي ڏينهن به ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سنڌ جو چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ، ايڊووڪيٽ جنرل نثار دراني، پراسيڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، اي آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر، رينجرز جو وڪيل ۽ ٻيا پوليس آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. آءِ جي سنڌ پاران عدالت جي حڪم تي سال 2015ع دوران پيش آيل ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي پوليس رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته گذريل سال ٽارگيٽ ڪلنگ جا 159 واقعا پيش آيا، جن مان 83 واقعن جا ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 15 جوابدار مقابلن ۾ مارجي ويا، باقي 25 ڪيسن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. عدالت آءِ جي سنڌ جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي رپورٽ ڪاغذ جي ٽڪري کانسواءِ ڪجهه به نه آهي، لڳي ٿو ته اوهان عدالت کي اصل صورتحال ٻڌائڻ ئي نٿا چاهيو. جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اسان ڪراچي جو پڇون ٿا ۽ اوهان ميرپورخاص جا انگ اکر ڏيو ٿا. آءِ جي سنڌ شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ۾ پوليس اهلڪارن جي ملوث هئڻ بابت عدالت کي ٻڌايو ته اهڙي واقعي جي ڄاڻ ايڊيشنل آءِ جي ثناءُ الله عباسي کي هئي پر ان ڪيس داخل نه ڪيو، جنهن تي کيس سبب ڄاڻايو نوٽيس ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس امير هاني مسلم چيو ته رڳو ايڊيشنل آءِ جي کي شوڪاز نوٽيس ڇو ڏنو ويو، اصل ۾ ڪارروائي ته ايس ايس پي خلاف ٿيڻ گهرجي. جسٽس عظمت سعيد آءِ جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جيڪي ڪم ڪيا اهي ٺيڪ آهن، باقي جيڪي ڪم اوهان نه ڪري سگهيا، انهن جو نوٽيس ورتو ويندو. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته جيڪي ڪم اوهان نه ڪندا، اهي اسان ڏسنداسين ۽ جيڪڏهن اسان ڏٺا ته پوءِ اوهان لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا. اوهان کي گهرائڻ جو اسان کي ڪو به شوق ناهي پر اداري جي ڪارڪردگي بهتر نه هئڻ جي ڪري آفيسرن کي گهرايو وڃي ٿو، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي بئنچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته  گذريل ڏينهن به ججز پاران اڻوڻندڙ ريمارڪس ڏنا ويا، جنهن تي کيس اعتراض آهن. قانون موجب مون کي آءِ جي هئڻ جي ناطي جج صاحبان اهڙا لفظ نٿا چئي سگهن جنهن تي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن اوهان کي بئنچ تي اعتراض آهن ته لکت ۾ ڏيو. چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿي رينجرز کي جاچ جا اختيار ڏيڻ ۽ پوليس ٿاڻا قائم ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت جو جواب داخل ڪرايو. چيف سيڪريٽري عدالت کي آگاهه ڪيو ته رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي ڪجهه قانوني مونجهارا آهن، جيڪي وفاقي حڪومت سان گڏجي ختم ڪيا ويندا. جسٽس امير هاني مسلم چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته چيف سيڪريٽري صاحب اوهان ٻڌايو ته پوليس ڇا پئي ڪري، اوهان جا آفيسر ڪوڙ پيا ڳالهائن، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هڪ پوليس آفيسر سال اندر 7 ڀيرا بدلي ٿيندو ته پوءِ ڪهڙو ڪم ڪندو. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي ته رينجرز پاران اختيار گهٽائڻ ۽ پوليس ڪارڪردگي بابت ظاهر ڪيل خدشن جو جائزو وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن. چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته ڪيس داخل ڪرڻ پوليس جو اختيار آهي پر اسان جي به مجبوري آهي جو اکيون بند نٿا ڪري سگهون. گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته 2015ع دوران 7 قيدين کي پيرول تي آزاد ڪيو ويو هو، جن مان 3 ڀنگ لاءِ اغوا ڪيسن ۾ عمر قيد جي سزا ڀوڳيندڙ آهن. گهرو سيڪريٽري موجب آزاد ڪيل قيدين مان هڪ جي سزا 2025 ۽ ٻئي جي سزا 2027 تائين هئي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪهڙي قانون تحت اوهان عمر قيد وارن قيدين کي آزاد ڪيو. جسٽس امير هاني مسلم چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب دهشتگردي ايڪٽ تحت چالان ڪيل ڪنهن به قيدي کي پيرول تي آزاد نٿو ڪري سگهجي. عدالت کي ٻڌايو وڃي ته پيرول تي آزاد ڪرڻ جو قانون ۽ طريقيڪار ڇا آهي. عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري کان پڇيو ته ڇا اوهان کي ڄاڻ آهي ته قيدين کي ڪيئن پيرول تي آزاد ڪيو ويو جنهن تي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته گهرو کاتي جي سيڪريٽري جي سربراهي هيٺ پيرول جي حوالي سان هڪ بورڊ قائم ٿيل آهي جيڪو وڏي وزير جي اجازت سان ڪنهن به قيدي کي آزاد ڪرڻ جو مجاز آهي جنهن تي عدالت هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي مڪمل طور تي رپورٽ ڏني وڃي ته قيدين کي ڪهڙي قانون تحت پيرول تي آزاد ڪيو ويو. عدالت وفاقي ۽ سنڌ سرڪار کي رينجرز جا مسئلا حل ڪرڻ، سال 2015ع دوران ٽارگيٽ ڪلنگ جي رهجي ويل 57 ڪيسز بابت تفصيل ڏيڻ ۽ پيرول تي آزاد قيدين بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 10 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

إرسال تعليق

 
Top