GuidePedia

0
MWM Ke Rahinma Syed Farhan Shah
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
مجلس وحدت مسلمين ضلعي مٽياري جي عوام کي ڪنهن صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي
 هتانجي عوام پاران مٿن ڪيل اعتماد تي پورو لهڻ ۽ سندن مسئلن جي حل لاءَ هرفورم تي آواز اٿاريو ويندو.اهڙن خيالن جو اظهار مجلس وحدت المسلمين جي مرڪزي اڳواڻ سيد فرمان حيدر شاهه،مولوي اختر حسين،همير علي ميمڻ گذريل ڏينهن مسلم ليگ ن جي ضلعي جنرل سيڪريٽري ۽ صحافي سيد حاڪم علي شاهه سان سندس والد سيد مسڪين حسين شاهه جي وفات تي تغزيت ڪرڻ بعد اتي موجود صحافين سان سان ڳالهائيندي هنن چيو ته ايم ڊبليو ايم هالا سميت ضلعي مٽياري جي هرهڪ ڳوٺ وهاڻ وستي ۾ وڃي ڪري عوام جي هرڏک وغم ۾ سندن مدد ڪندا رهندا جڏهن ته ٻئي طرف مسلم ن جي مرڪزي عهديدارن،ميمبرن هالا سميت ضلعي مٽياري جي ڪنڊ ڪڙڇ سان جي رهندڙ مختلف برادرين جي چگن مڙسن،صحافين پڻ سيد حاڪم علي شاهه سان سندس والد جي وفات تي ان سان تعزيت ڪندي انجي مغفرت لاءَ دعا گهري

إرسال تعليق

 
Top