GuidePedia

0
ڀارت ۾ ٽريچي تامل ناڊو جي شهر ٽريچي ۾ ٻه پوليس اهلڪار ڪيلو کائڻ تان وڙهي پيا ۽ هڪ ٻئي کي رتورت ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا مطابق هي واقعو تامل ناڊو جي شهر ٽريچي ۾ پيش آيو،جڏهن اسپيشل سب انسپيڪٽر راڌا ۽ ڊرائيور سراوانن رات جي وقت روزاني جي بنياد تي ڊيوٽي دوران گشت ڪري رهيا هئا،ان دوران ڊرائيور جو ڪيلو کائڻ جي ڳالهه تان ٻنهي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ ٻنهي هڪ ٻئي تي دل کولي حملا ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي رت سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو،ٻنهي جي ويڙهه کي ڏسي پاسي ۾ بيٺل پوليس اهلڪار به اچي پهتا ۽ ٻنهي کي ڇڏائي اسپتال پهچايو.پوليس مطابق راڌا ۽ سراوانن وچ ۾ گشت شروع ٿيڻ کان پهرين جهڙپ ٿي هئي،سراوانن هڪ ڪيلو صبح جي وقت کائڻ جي لاءِ رکي ڇڏيو هو،پر جنهن هنڌ هُن ڪيلو رکيو ۽ اتان نه مليو ته سب انسپيڪٽر راڌا کان سوال ڪيو ته منهنجو ڪيلو ڪاٿي آهي،راڌا جواب ڏنو ته اهو ڪيلو مان کائي ڇڏيو.جنهن کانپوءِ پوليس وارن هڪ ٻئي کي سٽي لاٿو ۽ هڪ ٻئي کي رت سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو

إرسال تعليق

 
Top