GuidePedia

0
ڄام نوازعلي ئنون اباد ڀرسان ڳوٺ لال بخش سولنگي جو رھواسي19 نوجوان  ڊينگي بخار ۾ مبتلا، نازڪ حالت ۾ حيدرآباد اسپتال داخل ڊاڪٽرن پاران ڊينگي وائرس جي تصديق.

 خبر موجب ڄام نوازعلي نئون آباد ڀرسان ڳوٺ لال بخش سولنگي جو رهواسي 19  سالا  نوجوان غلام مرتضٰي پٽ غلام محمد سولنگي اچانڪ بيمار ٿي پيو اوچتو نڪ ۽ وات مان رت اچڻ ڪري سخت بيمار ٿي پيو جنهن کي سندس وارث علاج لاءسول اسپتال حيدر آباد کڻائي ويا جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم چڪاس ڪئي ۽ ٽيسٽون ڪرڻ بعد ڊاڪٽرن  ڊينگي وائرس جي تصديق ڪئي  بعد ۾ کيس آئي سي يو ۾  علاج لاء منتقل ڪيو ويو جڏهن ته اهڙي ڳالهه علائقي ۾ ڊينگي وارس جي پکڙجڻ جي ڪري علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويوآھي  علائقي ۾ مڇرن جي خاتمي لاء اسپري نه ٿيڻ  سبب مڇرن جو آزارتمام گھڻو وڌي ويو آهي جڏنهن ته صحت کاتي پاران مڇرن جي خاتمي لاء ڪي به اپاء نه ورتا آهن نه وري اسپري ڪرايا آهن علائقي واسين حڪومت سنڌ صحت کاتي ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊينگي مڇرن جي خاتمي لا مهم هلائي وڌيڪ وائرس کي ڦهلجڻ کان بچايو وڃي     

إرسال تعليق

 
Top