GuidePedia

0


ضلعي مٽياري جي ٽنهي تعلقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن توڙي بنا لائسنس هلندڙ ميڊيڪل اسٽورن ۽غير معياري دوائون وڪرو ڪندڙ اسٽورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضى شيخ ضلعي جي ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن تي مشتعمل ڇاپا مار ڪميٽيون جوڙيون آهن جن ۾ صحت کاتي جا عملدار ۽ پوليس جا عملدار پڻ شامل هوندا.اهڙو فيصلو اڄ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي صدارت هيٺ سند آفيس ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو.گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر مٽياري عبدالستار انصاري،ضلعي جي ٽنهي اسسٽنٽ ڪمشنرن کان علاوه ضلعي جي ٽنهي تعلقا اسپتالن جي ميڊڪل سپرٽينڊنٽس پڻ شرڪت ڪئي.گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر جوڙيل ڪميٽين کي سختي سان هدايت ڪئي ته اهي ضلعي ۾ موجود عطائي ڊاڪٽرن خلاف فوري ڪاروائي ڪندي انهن جون ڪلينڪون سيل ڪن،بنا لائسن هلندڙ ميڊيڪل اسٽورن کي به سيل ڪن جڏهن ته غير معياري گوشت وڪرو ڪندڙ ڪاسائين ۽ غير معياري کاڌا وڪرو ڪندڙ هوٽلون به سيل ڪري انهن جي مالڪن خلاف سخت ڪاروائي ڪري کيس رپورٽ پيش ڪن.ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر مٽياري گڏجاڻي کي ٻڌايو ته ڪيل سروي موجب ضلعي ۾ ڪل 100 عطائي ڊاڪٽر موجود آهن جن کي قانوني نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته 63 عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪيس داخل ڪري انهنجون اسپتالن سيل ڪيون ويون آهن جڏهن ته اڄ کان عطائي ڊاڪٽرن توڙي بنا لائسنس هلندڙ اسٽورن خلاف ڪاروائي وڌيڪ تيز ڪئي ويندي.
>
>

إرسال تعليق

 
Top