GuidePedia

0
پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ لاءِ ٽيم جي جلد ڀارت جو دورو ڪندي، آءِ ايس آءِ معتبر ادارو آهي

پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ لاءِ ٽيم جي جلد ڀارت جو دورو ڪندي، آءِ ايس آءِ معتبر ادارو آهي
ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو آهي ته پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ لاءِ ٽيم جي جلد ڀارت جو دورو ڪندي، آءِ ايس آءِ معتبر ادارو آهي، ان تي فخر ڪريون ٿا.
نئين دهلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستاني هاءِ ڪمشنر چيو آهي ته پٺاڻ ڪوٽ حملي جي پاڪستان ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڀارت پاران فراهم ڪيل معلومات کي به شامل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ۾ ڀارت سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.
عبدالباسط چيو ته پاڪستان جو ايجنٽ آهيان، پاڪستان جي نمائندگي ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽريز ملاقات بابت ڄاڻ نه آهي، اميد ته ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون جلد شروع ٿينديون.
باسط وڌيڪ چيو ته آءِ ايس آءِ معتبر ادارو آهي، ان تي فخر ڪريون ٿا، پاڪستان جي اهم ادارن بابت ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي.

إرسال تعليق

 
Top