ذوالفقارعلي ڀٽو 5 جنوري 1928 ۾ صوبي سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو
سندس والد جو نالو سر شاهنواز ڀٽو هو . سر
شاهنواز ڀٽو هڪ ناليواز سياستدان ۽ تحريخي پاڪستان جو مرڪزي رهنما هو
ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي
ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي سندس
پهرين شادي 12 سالن عمر ۾ امير بيگم سان ٿي جيڪا بمبي جي هئي . جنهن کان پوءِ هن 10 ڪلاس پاس ڪيو
ذوالفقار علي ڀٽو بي اي جي
ڊگري berkeley university
California مان حاصل ڪئي ان کان پوءِ
oxford university
مان تليم حاصل ڪئي . ذوالفقار علي ڀٽو ٻئي شادي 1951 ع ۾ بيگم نصرت سان ڪئي جنهن جو تعلق ايران سان هو 1952 ۾ berkeley university California
ايم اي ۽ Law of Philosophy ڪيائين 1953 ۾
Linkun University مان لا جي ڊگري
حاصل ڪئي
South
Matin يونيورسٽي ۾ علمي ۽
قانون جا استاد مقرر ٿيا ان کان پوءِ وطن ۾
واپس اچي سنڌ ملسم لا ڪاليج ۾ علمي ۽
قانوني تعليم ڏني 21 جون 1953 ع
۾ بينظير ڀٽو پيدا ٿي 1954ع ۾ مرتضي ڀٽو پيدا ٿيو . 1957 صنم
ڀٽو پيدا ٿي 1957ع ۾ اڪوامي متحده جي جنرل
اسمبلي پاڪستاني جي نمائندگي ڪئي . ذوالفقار
علي ڀٽو 16 سيپٽبر 1966ع ۾ پيپلز پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو 1967 ع ۾ لاهور
ڊاڪٽر مبشر حسن جي رهنمائي ۾ هڪ سياسي ڪنويشن ڪيو پهرين ڊسمبر 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو
بنيادي رکيو .
ذوالفقار علي ڀٽو
پنهنجي پهرين خطاب 4 جنوري 1970ع ۾
نشتر پارڪ ۾ ڪئي ان کان پوءِ لياقت باغ
راولپندي 11 جنوري 1970ع ۾ ڪئي
8 مارچ 1970ع ۾ موچي دروازي لاهور ۾ خطاب ڪيو 27 فيبروري 1971ع ۾ پنجاب يونيوسٽي نيو ڪمپس ۾
خطاب ڪيو .
ذوالفقار علي ڀٽو صاحب حڪومت جي ڪيترن ئي وڏن عهدن تي رهيو جن مان
ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا.
21 نومبر
1971ع ۾ ذوالفقار علي پاڪستان جو
پهريون ڊپٽي پرائيم مينسٽر ٿيو
واپار جو وفاقي وزير 1958ع اطلات جو وفاقي وزير
1959ع پيٽرول ۽ توانائي جو وفاقي وزير 1960ع وزير خاجه 1963ع تا 1966ع صدر پاڪستان
20ڊسمبر 1971ع تا 13 آگسٽ 1973ع وزيراعظم پاڪستان ..14 آگسٽ 1973ع تا 5 جولاء
1977ع ڀٽي صاحب جي دور حڪومت جا اهم ڪارنامه اهم صنعتي ادارن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ
جو فيصلو 3جنوري 1972ع مزدور جي حقن لاء پاليسين جو علان 10فيبروري 1972ع اولڊ ايج
بينيفٽ وغيره شوشل سيڪيورتي اسپتال جو قيام لينڊ ريفارمز 1مارچ1973ع شملعه معادي
تي دستخط مارشل لاء ختم ڪرڻ جو علان 21اپريل 1972ع 1971ع جي جنگ ۾ 90هزار پاڪستاني
فوجين کي هندستان جي قيد مان آزاد ڪرائڻ ۽ قبضو ڪيل ايريا واپس ڪرائڻ ( جنهن ايريا
جي ڪري 10لک ماڻهون اسان جا پاڪستاني هندستان وٽ وڃن پيا ) نيشنل بوڪ فائونڊيشن جو
قيام 24سيپٽمبر 1972ع ڪراچي ۾ پاڪستان جي وڏي نيو ڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح
28نومبر 1972ع اين ڊي ايف سي جو بنياد 5فيبروري 1973ع قائداعظم يونيورسٽي جو بنياد
9فيبروري 1973ع پاڪستان جي آئين جي گڏيل منظوري 12اپريل 1973ع پورٽ قاسم اٿارٽي جو
بنياد 27جون 1973ع پاڪستان اسٽيل مل جو بنياد 30دسمبر 1973ع بينڪن کي قومي تحويل ۾
وٺڻ جو علان1جنوري 1973ع علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو بنياد 21مئي 1974ع لاهور ۾
اسلامي سربراه قانفرنس سڏائڻ 22فيبروري 1975ع ( جنهن ۾ پري دنيا جا مسلم حڪمران هت
پاڪستان ۾ گڏ ٿيا هئا ) پاڪستان ۾ پهرين سيرت ڪانفرنس جو بنياد 3مارچ 1976ع ڊسمبر
1974ع ۾ ڊاڪٽر قدير خان کي فيملي سميت گهرائڻ ۽ ايٽمي پروگرام لاء ڪم شروع ڪرائڻ.
شلوار قميص کي قومي لباس جو درجو ڏيارڻ ( جڏهن ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ۽ ڪلبن
۾ شلوار قميص ۾ اچڻ منع هو پر ڀٽي صاحب ان کي قومي لباس جو درجو ڏياريو ) ڪراچي جي
تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي ڪرائڻ شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻه ، ۽ ميڊيڪل ڪاليج
نوابشاه قائم ڪرائڻ قطر، لبيا، ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي روزگار لاء آسانيون
پيدا ڪرائڻ ڀٽي صاحب جو نعارو. روٽي ڪپڙا اور مڪان ۽ ڀٽي صاحب جو دور حڪومت ۽ ماڻهن
جو اميدون افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڀٽو صاحب جي حڪومت ايترو وقت نه هلي سگهي جو ڀٽو
صاحب عوام لاء ڪجهه گهڻو ڪري سگهي هان، دشمنن کيس عوام کان پري ٿي رکڻ چاهيو ان ڪري
کيس گهڻو وقت هلڻ نه ڏنو ويو
ذوالفقار علي ڀٽو
انتهائي ذهين ۽ مضبوط ڪردار جو مالڪ
هو سن 1977ع ۾ ملڪ جي آمر حآڪم ضياءَ الحق سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪري مٿس الزام
مڙهي کيس 4 اپريل 1979 تي ڦاهيءَ تي ڇاڙهي شهيد ڪيو .
قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي کي اڄ به پاڪستان جو عوام روشن خيالن ۽ غريبن جو هڏڏوکي سمجهي ياد ڪري ٿو .
إرسال تعليق