GuidePedia

1
bhit shah Govt Primaire School ahtjaj photo
  ڀٽ شاهه ؛. رپورٽ  امتياز احمد ابڙو
ٽائون عملي جي نااهلي سبب شهر جو گندو پاڻي يعقوب شهيد قبرستان ۾ ڪاهي پيو  گٽر جو گندو پاڻي وڌي  پرائمري اسڪول يعقوب شهيد ۾ پهچي ويو اسڪول جي بلڊنگ ۾ گٽر جو گندو پاڻي ڇڏڻ خلاف اسڪول جا سوين شاگرد ۽ استاد روڊ تي نڪري آيا شاگردن پاران استاد اسلم راجپوت،تصور راجپوت،ضريف ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي گورنمينٽ پرائمري اسڪول يحقوب شهيد  کان ڪڍي وئي جيڪا دنبوره چوڪ ۽ الله واله چوڪ کان ٿيندي ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه جي آفيس پهتي جتي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن پاران ٽائون افيس آڏوڌرڻو هنيو ويو ۽ نااهل ٽائون آفيسر باقر بروهي خلاف سخت نريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ  اسڪول جي هيڊ ماستر اسلم راجپوت ،تصور راجپوت  ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه جي عملي جي نااهلي سبب شهر جي گٽرن جو گندو پاڻي شهر جي تاريخي قبرستان يعقوب شهيد ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن سبب قبرستان ۾ ڪيتريون ئي قبرون گندي پاڻي هيٺ اچي ٻڏي ويون آهن جڏهن ته گندو پاڻي اڳتي وڌندي  گورنمينٽ پرائمري اسڪول يعقوب شهيد جي ديوار تائين پهچي ويو آهي ۽ اسڪول جي مين گيٽ وٽ گندي پاڻي جو تلاءُ بيٺل آهي جنهن سبب اسڪول جا ٻارڙا ۽ استاد اسڪول ۾ داخل نه ٿا ٿي سگهن ۽ اسڪول جا ٻه ٻارڙا پڻ گندي پاڻي جي تلاءَ  ۾ ڪري پيا آهن هنن چيو ته اسڪول اڳيان 3 ٽن ڏينهن کان گندو پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب اسڪول ۾ بدبو پکڙجي وئي آهي ۽ اسڪول جا ڪيترائي شاگرد ۽ استاد مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن  هنن چيو ته گٽر جو گندو پاڻي اسڪول جي ديوارن ڀرسان هر وقت بيٺل رهي ٿو جنهن سبب اسڪول جي شاگردن،شاگردياڻين ۽ استادن کي سخت تڪليف ٿي رهي آهي هنن چيو ته ٽائون افيسر باقر بروهي کي ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪئي پر هو سندن جائز مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن ضلعي انتظاميه،ڊپٽي ڪمشنر مٽياري،اسسٽنٽ ڪمشنر هالا کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد نوٽيس وٺندي تاريخي قبرستان يعقوب شهيد ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول يعقوب شهيد جي گيٽ اڳيان بيٺل شهر جي گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪري شهرين ۽ اسڪول جي انتظاميه جو جائز مسئلو حل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.


إرسال تعليق

 
Top