هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
سب ڊويزن هالا جي شهرن توڙي
ڳوٺن ۾ تعليم جي سجاڳي لاءَ تعلقه ايجوڪيشن هالا عابد علي ٻگهيو،ٻيٽ آفيسر اقبال
احمد ملاح،عبدالله ڏاهري،محمد اسلم سومرو،خير محمد ڏاهري،پ ٽ الف اڳواڻ اسد الله
ميمڻ،اعجاز ميمڻ،اڪرام الله نيازي،لالا قاسم ميمڻ،منير احمد چاچڙ،مور ارباب،محمد
جمن ملاح،لالا عرس عمراڻي،آفيس انچارج غلام رسول لاکو،نزاڪت ارباب۽ ٻين تعليم
آفيسرن جي اڳواڻي ۾ هالا،ڀٽ شاهه،هالا پراڻه،ڪرم خان نطاماڻي،ڀاڻوٺ،کنڊو۽ ٻين
علائقن ۾ ( تعليم سڀني لاءَ ضروري ) جي سلسلي ۾ الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون،جن ۾
تعليمي آفيسرن،استادن،شاگردن تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي (تعليم سڀني کي
ڏياريو،پنهنجا معصوم ٻارڙا اسڪولن ۾ داخل ڪرايو جا زوردار نعره هڻندا وڏن جلوسن جي
شڪلن ۾ هالا،ڀٽ شاهه پريس ڪلبن آڏو جمع ٿيا.جڏهن ته ان سلسلي ۾ ميمڻ محلا گ پ اسڪول هالا مان اسڪول جي هيڊ ماستر لالا
قاسم(رازو)ميمڻ،۽ استاد عبدالغفورميمڻ، رسول بخش چانڊيو،محمد ڊول ميمڻ،عبدالروف
ميمڻ،فريد احمد ميمڻ،نظام الدين ارباب،منظور احمد عمراڻي،غلام محمد ميمڻ ۽ ٻين جي
اڳواڻي ۾ اسڪولي ٻارڙن سان هڪ وڏي ريلي ڪڍي ويئي جيڪا مسلم اسڪول پهتا جتان ٽي اي
او هالا عابد علي ٻگهيو،سپروائيزر بيٽ هالا سائين اقبال احمد ملاح،نثاراحمد
ميمڻ،جي اڳواني۾تعليم پرايو ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ هالا شهر سان تعلق رکندڙ سمورن
اسڪولن جي استادن ۽ هزارين شاگردن شرڪت ڪئي مذڪوره ريلي مارڪيٽ چوڪ،شاهي بازار،درگاهه
سرور نوح روڊ تان ٿيندي پريس هالا پهتي جتي تعليم ريلي ۾ شريڪ استادن ۽ شاگردن کي
تعليم آفيسرن،پ ٽ الف جي اڳواڻن تقريروڻ ڪيون.جڏهن ته ٻئي طرف ڀٽ شاهه ۾ پڻ (تعليم
پرايوريلي ) الله واري چپڪ کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ پڻ ڀٽ شاهه ۽ آسپاس جي
مختلف ڳوٺن جي اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن پڻ وڏي انگ ۾ حصو ورتومذڪوره ريلي شهر جي
مختلف رستن تان ٿيندي درگاه چاڙهي تي پهتي جنهن کي ٽي اي او هالا سميت ٻين تعليمي
آفيسرن خطاب ڪيو.\
إرسال تعليق
Click to see the code!
To insert emoticon you must added at least one space before the code.