ڀٽ شاهه رپورٽ ؛. امتياز احمد ابڙو
صوفي يونيورسٽي جي تعليم ۾ هاڻي وڌيڪ ڇڪتاڻ
پيدا ڪرڻ برداشت نه ڪنداسين صوفي يونيورسٽي لطيف جي نگري ۾ آهي ۽ لطيف جي نگري ۾
ئي رهندي مخالفن جو ادورو خواب سازشون جلد کان جلد نشتو نابوت ٿي وينديون ڀٽ شاه
يوٿ آرگنائيزيشن
خبر موجب ؛. ڀٽ شاهه ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ
صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه جي وي سي پروين منشي جي خلاف ريلي ڪڍي وئي هئي جنهن جي حوالي سان ڀٽ شاهه يوٿ آرگنائيزيشن جي
اهم گڏجاڻي ٿي گڏجاڻي ۾ شامل ڀٽ شاهه جي نوجوانن جن ۾ آغا عرفان ، زوهيب حسن ڪاڪا
،ظهير شاهه ، دوست علي ، سجاد علي کوسو ، اسرار جونو ، محمد علي سپريو سميت ٻين جو چوڻ هو ته ريلي ۾ شامل ماڻهن جو ڀٽ شاهه سان ڪو
به تعلق نه آهي ۽ هو صرف صوفي يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪرڻ چاهين ٿا صوفي يونيورسٽي
ڀٽ شاهه جي نوجوانن جو حق ۽ مستقبل آهي هنن چيو ته ڪجهه بااثر چاهين ٿا ته صوفي
يونيورسٽي ڀٽ شاهه کان ٻاهر کولي وڃي انڪري
صوفي يونيورسٽي جي خلاف شازشون ڪري رهيا آهن جيڪي ڀٽ شاهه جا نوجوان هر گيز برداشت نه ڪنداسين صوفي يونيورسٽي جي وي
سي پروين منشي خلاف لڳايل الزام بلڪل ئي ڪوڙا
آهن صوفي يونيورسٽي جي تعليم ۾ هاڻي وڌيڪ ڇڪتاڻ
پيدا ڪرڻ برداشت نه ڪنداسين صوفي يونيورسٽي لطيف جي نگري ۾ آهي ۽ لطيف جي نگري ۾
ئي رهندي مخالفن جو ادورو خواب سازشون جلد کان جلد نشتو نابوت ٿي وينديون هنن وڌيڪ چيو ته ڀٽ شاه يوٿ آرگنائيزيشن جي پليٽ فارم تان جلد کان جلد صوفي يونيورسٽي
بچايو جا اپاٰءِ ورتا ويندا ۽ وڌيڪ تحريڪ هلائڻ جي حمايت ڪئي ويندي
إرسال تعليق