GuidePedia

0

ممبئي (آن لائين سنڌي نيوز) بالي ووڊ اداڪاره قطرينا ڪيف پنهنجي 33هين سالگرهه ملهائي، ان موقعي تي هن فيس بوڪ تي پنهنجو آفيشل پيج به متعارف ڪرايو، پيج تي هن پهرين پوسٽ به رکي آهي. اها پوسٽ هن جي هڪ وڊيو آهي، جيڪا سندس گهر ۾ رڪارڊ ٿيل آهي، هن سالگرهه جون مبارڪون ڏيڻ تي مداحن جو شڪريو ادا ڪيو، اٽڪل 30 لک مداحن هن جي فيس بوڪ پيج کي لائيڪ ڪيو آهي. ذريعن موجب هن جي سالگرهه جي پارٽي ۾ الويرا خان اگني هوتري، ڪرن جوهر، ارجن ڪپور، عاليه ڀٽ،  ايان مکرجي، سلطان جي ڊائريڪٽر علي عباس ظفر، ڪبير خان، سڌارٿ ملهوترا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.سلمان خان ۽ رنبير ڪپور تقريب ۾ موجود نه هئا، هوڏانهن اميتاڀ بچن 33هين سالگرهه تي قطرينا کي مبارڪباد ڏني آهي. هن اميتاڀ بچن سان گڏ فلم سرڪار ۾ گڏ ڪم ڪيو هو..

إرسال تعليق

 
Top