GuidePedia

0
Pak Vs Eng Tree Day Eng 272 Runs All Out Online Sindhi News

لارڊز (آن لائين سنڌي نيوز)  لارڊز ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پهرين اننگ ۾ 272 رنسن تي آئوٽ، پاڪستان ٻي اننگ ۾ مشڪلاتن جو شڪار، 214 رنسن تي 8 وڪيٽون وڃائي ويٺو، انگلينڊ تي 281 رنسن جي برتري، لارڊز ۾ ٿيندڙ ميچ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ پاڪستان جي پهرين اننگ جي 339 رنسن جي جواب ۾ پنهنجي نامڪمل پهرين اننگ 7 وڪيٽن تي 253 رنسن سان ٻيهر شروع ڪئي ۽ 19 رنسن جي اضافي بعد سڄي ٽيم 272 رنسن تي ڍير ٿي وئي، انگلينڊ طرفان اننگ ۾ ايلسٽر ڪڪ 81، روٽ 48 ۽ ووڪس 35 رنسن سان نمايان رهيا، پاڪستان طرفان شاندار بالنگ ڪندي ياسر شاهه 6 جڏهن ته محمد عامر، راحت علي ۽ وهاب رياض هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، پاڪستان 67 رنسن جي برتري سان ٻي اننگ شروع ڪئي ته 2 رنسن تي ئي اوپنر محمد حفيظ کاتو کولڻ بنا ئي پويلين هليو ويو، جنهن بعد شان مسعود 24، اظهر علي 23، ۽ مصباح الحق کاتو کولڻ بنا پويلين ويا، اهڙي ريت پاڪستان جون 4 وڪيٽون رڳو 60 رنسن تي ڪري پيون، جنهن بعد اسد شفيق ۽ يونس خان ٽيم کي ڪجهه سهارو ڏنو ۽ اسڪور 129 رنسن تائين پهچايو، ان موقعي تي يونس خان 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، سندس ڪجهه دير بعد اسد شفيق 49 رنسن جي اننگ کيڏي پويلين ويو، جنهن بعد سرفراز مزاحمت ڪندي ياسر سان گڏ اسڪور 208 رنسن تائين پهچايو ۽ پاڻ 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، سندس پويان وهاب رياض کاتو کولڻ بنا وڪيٽ ڏئي ويٺو، اهڙي ريت ڏينهن جي پڄاڻي تائين پاڪستان ٻي اننگ ۾ 8 وڪيٽن تي 214 رنسون ٺاهي 281 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي، ياسر شاهه 30 ۽ محمد عامر ٻڙي سان ڪريز تي موجود آهن، انگلينڊ طرفان ووڪس ٻي اننگ ۾ به بهترين بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته معين علي 2 شڪار ڪيا.

إرسال تعليق

 
Top