GuidePedia

0
سيوهڻ شريف تعلقه اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ خلاف بک هڙتال تي ويٺل سياسي سماجي اڳواڻ
سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيوهڻ جي تعلقه اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران بک هڙتال ڪيمپ قائم: ڊاڪٽرن کوٽ ۽ ٽراما سينٽر تي عملو مقرر ناهي جنهن ڪري مريض پريشان آهن: اڳواڻن جو خطاب

خبر موجب سيوهڻ شريف جي تعلقه اسپتال جيڪا هن مهل سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينس جو درجو ماڻي هڪ مرڪز جي حيثيت رکي ٿي ان ۾ سهولتون نه هجڻ ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف شهرين ۽ شهر جي سياسي سماجي تنظيمين جي اڳواڻن ۾ بي چيني پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري سيوهڻ جي سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن سان گڏ معزز شهرين اڳواڻ ايڊووڪيٽ بشير احمد اوٺو، سيٺ محمد صفر منڱڻهار، مرتضيٰ ملاح، عارف حسين ميمڻ، مريد خان بروهي، شاهد هاليپوٽو، مير حاجن مير، رستم ڀٽ، آزاد منصور چنه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي مين گيٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي آهي. اڳواڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته تعلقه اسپتال ڪروڙين روپين جي بجيٽون ۽ اسپيشل گرانٽون هجڻ باوجود ڪنهن قبرستان وانگر لڳي پئي آهي جتي مريضن کي شفا بجاءِ بيماري نصيب ٿئي ٿي. هنن اعلان ڪيو آهي ته هي بک هڙتال ايسيتائين جاري رهندي جيسيتائين ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري نه ٿيندي ۽ ٽراما سينٽر تي تجربيگار عملو مقرر نه ٿيندو. هنن الزام لڳائيندي چيو ته ايم ايس ڊاڪٽر معين الدين صديقي صرف ڪاغذي ڪارروائي ڪري بجيٽون کائي ٿو ۽ هن مهل اسپتال جي گيٽ سان گڏ هڪ اسپيشل ماهر ڊاڪٽرن پاران مريضن کي سهولتن سان گڏ اي سي ۽ جديد ٽيڪنالاجي وارين سهولتن سان بلڊنگ ٺهڻ جو ٺيڪو منظور ٿيو آهي پر اهو به هڪ بااثر ۽ ڪرپٽ ٺيڪيدار نالي زبير ميمڻ کي ڏنو ويو آهي جيڪو عمارت کي ڊاهي پٽ ڪرڻ بجاءِ اڌ کان ٻيهر کڻائي ڪروڙين روپيه هڙپڻ جون سازشون ڪري رهيوآهي جنهن سان رابطو ڪيو ته ايم ايس ڀڙڪي پيو ۽ بلڊنگ رپيئر ٿي رهي آهي چئي اصل حقيقت کي عوام کان لڪائي رهيو آهي جنهن جو حڪومت کي جلد نوٽيس وٺڻ گهرجي.

إرسال تعليق

 
Top