GuidePedia

0
HALA=SSP Matiari Poliece M Bherty K Umedwaron Ki Test  Lety,Dosry Janab Leady Umedwar Kaghzat Check Kerwaty.

06 آگسٽ2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 
 مٽياري ضلعي اندر  پوليس کاتي ۾ نين ڀرتين لاءِ هزارين نوجوانن پهچي فٽنيس ۽ ڊوڙ واري مرحلي لاءِ انٽرويو ڏنو، ڀرتين لاءِ پهتل نوجونن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شامل ،ڪل 160 سيٽن لاءِ ساڍا ٽي هزار نوجوان فزيڪل ٽيسٽ  لاءِ پهتا، پاڪ آرمي جي جوانن ۽ ايس ايس پي جي نگراني ۾  پهرين مرحلي واري فزيڪل ٽيسٽ ورتي وئي صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين فقط 50 سيڪڙو پاس ٿي سگھيا..باقي  رهيل اميدوارن کان اڄ فزيڪل ٽيسٽ ورتي ويندي،پوليس ۾ ڀرتي سياسي نه بلڪي ميئرٽ تي ڪئي ويندي.ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه.

خبر موجب  مٽياري ضلعي اندر  پوليس کاتي ۾ نين ڀرتين لاءِ هزارين نوجوانن پهچي فٽنيس ۽ ڊوڙ واري مرحلي لاءِ فزيڪل ٽيسٽ ڏنو پوليس ۾ ڀرتين جي ٽيسٽ دوران فوجي جوانن سان گڏ هڪ هزار پوليس اهلڪارن سيڪيورٽيءَ جا انتظام سنڀاليا، ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر اقبال جي زير نگراني ۾مٽياري ضلعي ۾ مرد پوليس ڪانسٽيبلن ۽ عورت ڪانسٽيبل جي ڀرتيءَ لاءِ جسماني ٽيسٽ ۽ ڊوڙ واري مرحلوڪرايو ويوهو جنهن ۾ اميدوارن جي زياده هجڻ سبب پهرين مرحلي جي پهرين ڏهاڙي تي 2000 ٻه هزار اميدوارن کان فزيڪلي ٽيسٽ ورتي ويئي جڏهن باقي رهيل اميدوارن کان اڄ ٽيسٽ ورتي ويندي   جڏهن ته پوليس ڀرتين لاءِ پهتل نوجوان اميدوارن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڻ شامل آهن پهرين مرحلي واري هلندڙ فزيڪل ٽيسٽ ۾ فقط50 سيڪڙواميدوار پاس ٿي سگھيا . ان موقعي تي ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر اقبال اعوان اتي موجود صحافين سان ڳالهائيندي   چيو ته پوليس کاتي ۾ڀرتي بلڪل مئرٽ ڪئي ويندي ۽ ان ڀرتي ۾ ڪنهن کي به سياست نه ڪرڻ ڏني ويندي ۽نوڪريون مئرٽ تي ڏنيون وينديون، هن وڌيڪ چيو ته موجوده آءَ جي سنڌ جي موجودگي ۾مئرٽ جي لتاڙ هرگز نه ٿي ٿي سگهي۽پوليس جي ڀرتي لاءَ خواهشمند ۽ امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کي پنهنجا حق هرحالت ۾ڏنا ويندا واضع رهي ته مٽياري ضلع اندر پوليس کاتي ۾ ڪل   170 سيٽن مان  50 سيٽون ڇوڪريون  ۽ 110 سيٽن تي ڇوڪرا ڀرتي ڪيا ويندا. .

إرسال تعليق

 
Top