GuidePedia

0
مخدوم فخرالزمان آراو آفيس مٽياري پهچي ضلعي چيئرمن شپ جي لاءَ پنهنجا فارم جمع ڪرايا

06 آگسٽ2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 

ايم پي اي مٽياري مخدوم ڊاڪٽررفيق الزمان جي فرزند مخدوم فخرالزمان مخدوم هائوس هالا کان هڪ وڏي جلوس جي شڪل ۾ آراو آفيس مٽياري پهچي ضلعي چيئرمن شپ جي لاءَ پنهنجا فارم جمع ڪرايا،ان موقعي تي ساڻس گڏ هالا،نيوسعيدآباد۽ مٽياري تعلقن مان چونڊيل پ پ جي ڪائونسلرن سان گڏ مٽياري پهتو جتي مخدوم فخرالزمان اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري وٽ پنهنجا ضلعي چيئرمني لاءَ نامينيشن فارم جمع ڪرائڻ بعد مٽياري سيڪريٽريٽ پهتو جتي موجود پ پ جي سوين ڪارڪنن سندس جيئي ڀٽو ۽ ڏاڏا سائين جيئي سدائين جازوردارنعره هڻيندي سندس استقبال ڪيو۽ ان موقعي تي مخدوم فخرالزمان پنهنجي والد ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان سان ملاقات ڪندي کانئس دعائون ورتيون.ان موقعي تي پ پ اڳواڻ زوارفقيرحسين علي جعفري،امجد ڀٽو،غلام اڪبرڀٽو،وڏيرو محمد اسماعيل ونڊيار،يونس ڇڄڙو،لالا قاسم،فاروق احمد نوح پوٽو،جاويداحمد  پڻ ساڻس گڏ هئا.   

إرسال تعليق

 
Top