GuidePedia

0

Hala=Makhdom Amin Fahem K 84 Saligra K Moqy Per Dergah  Shareef M Quran Khawani & Duaa Ki Taqreeb Munaqid.

05 آگسٽ  2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

ملڪ جي نامور سياستدان ۽ روحاني شخصيت پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻي چيئرمن مرحوم مخدوم محمد  امين فهيم جي 84 هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي سندس فرزند سروري جماعت جي روحاني پيشوا اڳواڻ،درگاه سرورنوح جي گادي نشين صوبائي وزيرروينيو۽ رليف مخدوم جميل الزمان ۽ درگاهه سرورنوح جي ولي عهد مخدوم محبوب الزمان جي پاران مخدوم محمد امين فهيم جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي سندن روح کي ايثال ثواب رسائڻ لاءَ درگاهه سرور نوح تي قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويوجڏهن ته مخدوم جميل الزمان جي پي اي گل محمد پنهور،مخدوم امين فهيم جي پي اي محمد اسلم پيرزادو،وڏيرو مير چنڊ،سيد مختيارحسين شاه(بابو شاه)،سيد زين العابدين شاه،وڏيرو شهاب ارباب،ڊاڪٽر قربان علي ميمڻ،سيٺ ڪندن،ڊاڪٽر ظهير ميمڻ،ڊاڪٽر شفيق ميمڻ،محمد رفيق آخوند،اظهر علوي،حاجي حسين سنائي،شهاب ميمڻ،منظوراحمد سمون،ٽي ايم او سعيدآبادارشاد ڏاهري،اي سي سعيدآباد امام بخش ڪاڪا،شاهد لاکو،محمد علي پنهور،علينواز ابڙو،قربان علي پنهور،ابن ڏاهري،جن مخدوم امين فهيم جي مزار تي حاضري ڀري ۽ مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم محبوب الزمان پاران سندس مزارتي گلن جي چادرچاڙهي ۽ دعا گهري.جڏهن ته مخدوم محمد امين فهيم جي سالگرهه جي موقعي تي درگاهه تي رکيل قرآن خواني جي تقريب ۾ سروري جماعت سان تعلق رکندڙ سوين مريدن،اسڪولي ٻارڙن،هالا شهر سان تعلق رکندڙ هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ سياسي،سماجي،علمي،ادبي،شخصيتن کان علاوه مختلف برادرين جي چگن مڙسن،هالا جي صحافين،شهرين تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي روح کي ايثال ثواب لاءَ قرآن شريف پڙهيا ۽ مخدوم محمد امين فهيم جي مغفرت لاءَ خصوصي دعائون گهريون.جڏهن ته ٻئي طرف هالا پريس ڪلب هالا جي صحافين سينيئر صحافي عبدالغفور(اداڀائو)ميمڻ،افتخارميمن،اشتياق شيخ،عبدالزاق ميمن،رحمان ڪشميري،مشتاق ميمڻ،نديم مگريو،سيد حاڪم علي شاهه،عمير ميمڻ،ممتاز ميمڻ،امان الله ڏاهري،اشرف کماڻ،بشير خان ۽ ٻين صحافين مخدوم محمد امين فهيم جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي سندس مزارتي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ خصوصي دعا پڻ گهري.  

إرسال تعليق

 
Top