GuidePedia

0
هالا شهر هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهارين جي رحم ڪرم تي،

06 آگسٽ2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 
هالا شهر هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهارين جي رحم ڪرم تي، شهر توڙي ڀرپاسي ۾ ڏوهاري وارداتن ۾ اضافو، شام کان پوءِ روڊ رستا علائقي واسين لاءِ نوگو ايريا بڻيل، تعلقه اسپتال هالا ۾ ڏينهن ڏٺي جو پوليس جي موجودگي ۾ صحافي جي موٽرسائيڪل چوري، هالا باءِ پاس تان پيٽرول پمپ جي مئنيجر کان هٿياربند 90 هزار روڪ ڦر ڪري فرار، علائقي ۾ ڏوهي وارداتن ۾ اضافي ٿيڻ باوجود هالا پوليس اگهور ننڊ ۾ ستل، ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام، هالا پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس بڻيل،

خبر موجب هالا ۾ نئين مقرر ٿيل ايس ايڇ او ذيشان لاشاري جي مقرري بعد هالا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ اضافو اچي ويو آهي، ڏينهن ڏٺي جو ڦريون ۽ چوريون معمول بڻجي ويون آهن، جنهن سبب علائقي واسي سخت خوف واري صورتحال ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، شام جي ٻهراڙي جي طرف ويندڙ رستا ڏوهارين جي رحم ڪرم تي آهن، موٽر سائيڪل جي چورين ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته هالا پوليس ان ڏس ۾ ڏوهارين اڳيان بلڪل بي وس بڻيل آهي، تعلقه اسپتال هالا ۾ ڏينهن ڏٺي جو صحافي عبدالرزاق ميمڻ جي نئين موٽرسائيڪل نامعلوم چور پوليس جي موجودگي ۾ چوري ڪري ويا، جڏهن ته ساڳئي ٽائيم تي المدينه پئٽرول پمپ جي مئنيجر دين محمد ڏاهري کان موٽرسائيڪل سوار ٻه نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي 90 هزار رپيا روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڏوهارين پاران اهڙين ڪاررواين کان پوءِ هالا توڙي ڀرپاسي جا رهواسي خوف واري صورتحال ۾ آهن، ٻئي طرف هالا جي سياسي سماجي ۽ واپاري تنظيمن پڻ اهڙين ڏوهاري وارداتن تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي شهر ۾ وڌنڌڙوارداتن تي فوري ڪنٽرول ۽ ڏوهارين خلاف قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي

إرسال تعليق

 
Top