GuidePedia

0
هالا پاڪستان ۾ ننڍي عمرجي ناظم هجڻ جو اعزاز به ضلعي مٽياري حاصل ڪري ورتوان

هالارپورٽ: عبدالغفورميمڻ) 25 آگسٽ 2016  
پاڪستان ۾ ننڍي عمرجي ناظم هجڻ جو اعزاز به ضلعي مٽياري حاصل ڪري ورتوان سلسلي ۾ سنڌ صوبي ۾ هڪ وڏي سياسي سگهه رکندڙ مخدوم خاندان پنهنجي سياسي قد کي نمايان رکندي ملڪي ليول تي هڪ وڏو اعزاز ماڻيندي ضلعي مٽياري جي ضلعي ۽ ضلعي جي واحد ميونسيپل تي پنهنجن فرزندن کي ڪامياب ڪرائيندي انهن کي ناظم بڻائي ڇڏيوجڏهن ته ان سلسلي ۾ ضلعي مٽياري جي ضلعي ڪائونسل تي ميمبر سنڌ اسيمبلي مخدوم رفيق الزمان جو وڏوفرزند مخدوم فخرالزمان  ضلع ڪائونسل مٽياري جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو، مخدوم فخرالزمان 1991 ۾ ڄائو پاڻ  گلوبل بزنس مينيجمينٽ جي ڊگري لنڊن مان حاصل ڪئي، پنهنجي والد مخدوم رفيق الزمان وانگر پنهنجي سياست ۾ اڳيان نڪري چڪو آهي مخدوم فخرالزمان هن وقت سڄي ضلعي جي مقبول ترين شخصيت ٿي  اڀري آيو آهي،جڏهن ته ضلعي مٽياري جي واحد ميونسيپل هالاتي به مخدوم خاندان جو نوجوان مخدوم غلام محي الدين عرف بابل سائين جو فرزند مخدوم عمار حيدرجن هالا مان بنا مقابلي ڪاميابي ماڻيندي هالا ميونسيپل جا چيئئرمن چونڊجي ويا آهن ان موقعي تي ضلعي چيئرمن مخدوم فخرالزمان ۽ ميونسيپل هالا جي ڇيئرمن مخدوم عمار حيدر ميڊيا سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو سڄي ضلعي هالا،نيو سعيدآباد۽ مٽياري جي علائقن۾ تعليم، صحت، صفائي تي توجهه ڏيندي عوام جا اولين مسئلا حل ڪندا۽مختلف علائقن ۾ اجڙيل، روڊ، رستا، اسڪول، اسپتالن جي ڄار وڇائيندو، هر عام و خاص ماڻهون لاءِ سندس دروازا هميشه لاءِ کليل آهن، هو پاڻ کي عوامي ماڻهون سمجهي ٿو، هو هر وقت هر ماڻهون جي خوشي ۽ غمي ۾ موجود رهي ٿو، جڏهن ته انهن جو  چوڻ آهي ته مٽياري ضلعو پ پ جو قلعو آحي ۽ هميشه رهندو هن چو چوڻ آهي پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن تي عمل ڪندي آئون مٽياري ضلعي جي عوام جي بنا تفريق خدمت ڪندس ۽ مٽياري ضلعي کي ماڊل ضلعو بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪندس،  مٽياري ۾ تعليم ۽ صحت تي خصوصي توجهه ڏنو ويندو ۽ مٽياري ضلعي ۾ نوجوانن جي لاءِ ڪرڪيٽ سميت اسپورٽس گرائونڊ ۽ ٻيون سهولتون پڻ ڏياريون وينديون، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي مٽياري لاءِ هتان جي نوجوان پرڪشش شخصيت ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان جو ٽائون ڪميٽي مٽياري جو اڳوڻو ڪو آرڊينيٽر سيد سڪندر علي شاهه چيئرمن ۽ علي مراد خاصخيلي وائيس چيئرمين بنا مقابلي چونڊجي ويا. هتي اهم ڳالهه اها آهي ته فنڪشنل مسلم ليگ جي سيٽ تي ٽائون ڪميٽي مٽياري مان  چونڊيل حاجي پرويز ميمڻ جنهن جي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۽ اليڪشن ٽربيونل ۾ اليڪشن جي ڦير ڦار جو ڪيس هلندڙ آهي، هڪ سياسي ڌر انهيءَ کي وائس چيئرمين ڪرائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي ايتري قدر جو پ پ جي ٻن ميمبرن ۾ علي مراد خاصخيلي ۽ امداد ميمڻ پڻ ان جي  فارم تي صحيح ڪري ڏني فنڪشنل جي ميمبر جي حامين گلن جا هار ۽ ريلي ڪڍڻ جو پروگرام پڻ فائنل ڪري ڇڏيو ايتري قدر جو جو فنڪشنل جي ميمبر کي وائيس چيئرمين جي مبارڪن جا ميسيج پڻ سوشل ميڊيا تي آيا هئا ،پر فارم جمع ڪرائڻ جي فقط 10 منٽ پهريان سندس نامزدگي فارم واپس وٺي علي مراد خاصخيلي کي وائيس چيئرمين چونڊرائي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ پ پ جي مقامي ڪارڪنن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي ويئي.

إرسال تعليق

 
Top