GuidePedia

0
Hala=DC Offiece M Half Taqreeb MPA Samet Muazizin Ki   Baree Tadad M Shirkat.

31 آگسٽ 2016
هالا(رپورٽ : عبدالغفورميمڻ)

        مٽياري ڊي سي آفيسجي  اڱڻ تي ضلعي جي نئين چيئرمين مخدوم فخرالزمان وائيس چيئرمين سيد صالح محمد شاھ سميت هڪ ميونسپل ڪميٽي ۽ ڇھن ٽائون ڪميٽين جي چيئرمينن وائيس چيئرمينن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري، مٽياري رٽرننگ آفيسر عبدالڪريم سنگراسي ھالا جي رٽرننگ آفيسر محمد اڪرام ملڪ ضلعي جي چونڊيل چيئرمين وائيس چيئرمينن کان حلف کڻايا حلف برداري تقريب ۾ ايم پي اي مٽياري مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان، درگاهه سرور نوح جي ولي عهد مخدوم محبوب الزمان، ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان جي فرزند مخدوم احمد الزمان، ڊي سي مٽياري پرويز بلوچ، ايس ايس پي مٽياري ظفر اقبال سميت سروري تنظيم هالا جي صدر ۽ پريس ڪلب هالا جي سرپرست اعلى محمد بچل مغل، ايم پي اي مٽياري جي مئنيجر زنوار فقير حسين علي جعفري، صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان جي پي اي گل محمد پنهور، حاجي عبدالغفور ابڙيجو، حسين سنائي، وڏيرو مير چنڊ سميت ضلعي جي اھم شخصيتن ۽ وڏي انگ ۾ پ پ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، حلف برداري تقريب کان پوءِ ضلعي چيئرمين مخدوم فخرالزمان پنھنجي آفيس اڳيان قومي پرچم لھرائي آفيس ۾ چونڊيل ميونسپل ڪميٽي ۽ ٽائون ڪميٽي جي نمائندن سان گڏجاڻي ڪئي، جنھن بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي مخدوم فخرالزمان چيو ته منھنجي خوش قسمتي آھي جو آئون سڀني ضلعي چيئرمينن کان عمر ۾ ننڍو چيئرمين آھيان اھو اعزاز مون کي پنھنجي وڏن ۽ عوام جي دعائن سان حاصل ٿيو آھي، هن چيو ته مخدوم محمد امين فهيم جي ڇڏيل مشن کي جاري رکندي ضلعي مٽياري جي عوام جي برابري جي بنياد تي خدمت ڪئي ويندي ۽ عوام کي هر قسم جي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، ھن چيو ته آئون پنھنجي گھڻي توجھ مٽياري ضلعي جي تعليم ۽ صحت جي ادارن تي ڏيندس، مٽياري ضلعي ۾ ترقياتي اسڪيمن جو ڄار وڇائيندس، ھن چيو ته عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ منھنجي آفيس ۽ مخدوم ھائوس جا دروازا چوويھ ڪلاڪ کليل آھن، بعد ۾ ضلعي چيئرمين ۽ ھالا ميونسپل جي چيئرمين ريلي جي صورت ۾ درگاھ سرور نوح تي حاضري ڀري مخدوم سرور نوح، مخدوم طالب المولا ، مخدوم امين فھيم، مخدوم شفيق الزمان جي مزارن تي چادرون چاڙهي دعا گهري ۽ مرحومين جي لاءِ مغفرت جي دعا پڻ گھري، ٻئي طرف حلفيه تقريب ۾ پ پ ضلعي مٽياري جي اڳوڻي ايم پي اي ۽ ضلعي صدر سيد اميرعلي شاهه هاشمي، سابقه ايم پي اي سيد جلال شاهه ڄاموٽ جي شرڪت نه هئڻ سبب مٽياري واسين ۾ مايوسي پکڙيل هئي.
Next
This is the most recent post.
Previous
رسالة أقدم

إرسال تعليق

 
Top