GuidePedia

0

اسلام آباد ۾ غيرقانوني طور پرڏيهي فنڊ وٺندڙ ٻن اين جي اوز جون آفيسون سيل

اسلام آباد: اسلام آباد انتظاميا غيرقانوني طور تي پرڏيهي فنڊنگ وٺندڙ ٻن اين جي اوز جون آفيسون سيل ڪري ڇڏيون، ميڊِيا رپورٽن مطابق اسلام آباد ۾ ليبر ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي ڇاپا هڻي ٻن اين جي اوز جون آفيسون سيل ڪيون، جن اين جي اوز جون آفيسون سيل ڪيون ويون آهن، انهن ۾ روزن ۽ تعمير ملت فائونڊيشن شامل آهن، ٻنهي اين جي اوز تي الزام آهي ته اهي غيرقانوني طور تي پرڏيهي فنڊ وٺن ٿيون ۽ انهن فنڊن جو ڪو رڪارڊ به نه ٿو رکيو وڃي، روزن 2007ع کان ضلعي انتظاميا وٽ رڪارڊ جمع ناهي ڪرايو،اين جي اوز کانسواءِ انتظاميا صفائي جي خراب انتظامن ۽ مدي خارج دوائون رکڻ تي 5 ميڊيڪل اسٽور به سيل ڪري ڇڏيا.

إرسال تعليق

 
Top