GuidePedia

0

سنڌ ۾ پرائمري جي سالياني امتحان لاءِ فنڊس جاري نه ٿيڻ سبب هيڊ ماسترن پاران سواليا پرچا ڇپرائڻ جو انڪشاف

سنڌ ۾ پرائمري جي سالياني امتحان لاءِ فنڊس جاري نه ٿيڻ سبب  هيڊ ماسترن پاران سواليا پرچا ڇپرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊائڪريٽر لاڙڪاڻي ريجن جو چوڻ آهي ته سواليا پرچا ڇپرائڻ لاءِ ذميواري ڊي اي اوز ۽ هيڊ ماسترن حوالي ڪئي وئي هئي.سالياني امتحان لاءِ تعليم کاتي پاران فنڊس جاري نه ٿيڻ ڪري پهريون ڀيرو سوال نامه ۽ جوابي ڪاپيون ڊائريڪٽر، يا ڊي اي او آفيس مان ڇاپڻ بدران سيڊيون ٺهرائي هر اسڪول جي هيڊ ماستر حوالي ڪيون ويون.

هيڊ ماسترن پاران سواليه پرچا پريسن تي ڇپرايا ويا، جن ۾  ڪيترائي پيپر امتحان کان اڳ  آئوٽ  ۽ ڪيترن ۾ غير نصابي سوال شامل آهن، جڏهن ته ڪجهه پرچا گذريل سال وارا به جاري ڪيا ويا.هيڊ ماسترن جو چوڻ آهي تعليم کاتي کين پيسا جاري ناهن ڪيا، جنهن سبب هنن اسڪولن ۾ ٻارن کان چندو ڪري پيپر ڇپرايا آهن.
لاڙڪاڻو ريجن جي ڊائريڪٽر تعليم انور کوکر چيو ته پيپر ڇپرائڻ جي ذميواري ڊي اي اوز ۽ هيڊ ماسترن کي ڏنل هئي، امتحان پورا ٿيڻ بعد هيڊ ماسترن کي پيسا جاري ڪيا ويندا.هن چيو ته ماهر استادن کي گهرائي سوال لکرايا ويان، جن کان غلطيون ٿيون ۽ ڪجهه غلطيون پرنٽنگ مان  ٿيون آهن، جنهن کي درست ڪيو ويندو

إرسال تعليق

Top