شڪارپور آل روينيو ايمپلائز ايسوسيئشن پاران مطالبن جي مڃتا
لاءِ ڊي سي آفيس آڏو بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪري ورتي، آفيس جي تالابندي ڪري احتجاج
ڪيو ويو، ان موقعي تي نظام الدين شيخ، غلام سرور کوهارو ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران
هنن سان ويڳي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ٽنهي صوبن ۾ روينيو جي
ملازمن کي اپ گريڊ ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ صوبي روينيو ملازمن کي اپ گريڊ ٽائيم اسڪيل
سميت جائز مطالبه پورا نه ڪيا ويا آهن، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته 20 مارچ تي حيدرآباد
کان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڳڙهي خدابخش تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويندو، هنن سپريم
ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪندي چيو ته پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽
بلوچستان جي ملازمن کي اپ گريڊ ٽائم اسڪيل ڏنو ويو آهي پر سنڌ صوبي ملازمن کي ان
حق کان محروم ڪيو ويو آهي ان جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي جيئن سنڌ صوبي جا روينيو
ملازمن جي ٻچن کي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي، ان موقعي تي جهانگير احمد دايو ۽ ٻيا
ملازمن پڻ موجود هئا.
إرسال تعليق