GuidePedia

0


هالارپورٽ: نديم مڱريو 
عوامي شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن جو تعلقه اسپتال هالا تي ڇاپو، ٽي ڪلاڪ اسپتال عملي کان پڇا ڳاڇا بعد ٽن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، تعلقه اسپتال جي فنڊن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو امڪان، ڪرپشن ۾ ملوث ڪنهن به ماڻهو کي هرگز بخش نه ڪيو ويندو، اينٽي ڪرپشن سرڪل انچارج عرفان علي ارباب
خبر موجب عوامي شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن ضلعي مٽياري جي سرڪل آفيسر عرفان علي ارباب ۽ سول جج هالا عبدالرزاق ٻگهيو پنهنجي ٽيم سان گڏ تعلقه اسپتال هالا تي اچانڪ ڇاپو هنيو ۽ مسلسل ٽي ڪلاڪ اسپتال جي عملي کان پڇا ڳاڇا بعد ٽن سالن جو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، اسپتال جو عملو غيرحاضر هئڻ ۽ رڪارڊ اڻپورو هئڻ تي اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر ۽ سول جج هالا تعلقه اسپتال هالا جي ايم ايس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،
ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر عرفان علي ارباب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي شڪايتن ۽ اعلى اختيارين جي حڪم تي اسان اهڙي ڪارروائي ڪئي آهي جنهن ۾ پهرين جنوري 2014 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جو جيڪو رڪارڊ مليو آهي اهو اسان سول جج هالا جي سامهون پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي اسان تعلقه اسپتال هالا جي مختلف شعبن جو تفصيلي جائزو پڻ ورتو آهي جتي ڪجهه مريضن اسپتال انتظاميه توڙي اسپتال جي انتظامن بابت شڪايتون ڪيون آهن جن لاءِ اداري جي معرفت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته اسان اسپتال جي سموري رڪارڊ جو پهرين تفصيلي جائزو وٺنداسين ان کانپوءِ اگر ڪٿي ڪرپشن ثابت ٿي ته ان جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته اسان اسپتال جي رڪارڊ مطابق ايم ايس سميت ٻئي عملي جا بيان پڻ قلمبند ڪيا آهن جڏهن ته اسان کي ملندڙ رڪارڊ اڻپورو آهي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته باقي رهيل رڪارڊ اڳوڻي اڪائونٽنٽ وٽ پيل آهي جنهن لاءِ اسان ان کي طلب ڪيو آهي ، ان موقعي تي تعلقه اسپتال هالا جي ايم ايس ڊاڪٽر محمد ميمڻ کان جڏهن سندس موقف ورتو ويو ته هن پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي صرف نو ڪمينٽس جا لفظ چئي پنهنجي ڪرسي تي ويهي رهيو، ٻئي طرف هالا جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن محمد بچل مغل، عبدالرشيد ڏيٿو، سيد حاڪم علي شاهه، سردار اياز ميمڻ، نصير ميمڻ ۽ ٻين پاران اينٽي ڪرپشن پاران ٿيندڙ ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته تعلقه اسپتال هالا ۾ رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي ۽ ان جي خلاف اڻ ڌري جانچ ٿيڻ گهرجي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ايندڙ دوائن ۾ ڪرپشن ڪندڙ ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

إرسال تعليق

 
Top