GuidePedia

0

 ڀريا سٽي ويجھو روڊ حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽  ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو  قومي شاھراھ تي دالي اسٽاپ ڀرسان تيز رفتار ٽرالر موٽر سائڪل سوارن مٿان چڙھي ويو جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سا.ڪل سوار نوجوان ارشاد لاشاري ۽ زاھد لاشاري ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي پيا جڏھن ته نوجوان ساھت علي خاصخيلي زخمي ٿي پيو اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمي ۽ فوتين جي لاشن کي اسپتال پھچايو جتي فوتين جو پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو ان سلسلي ۾ زخمي نوجوان ساھت علي خاصخيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان سيوھن مان ڳوٺ وڃي رھيا ھئاسين ته پٺيان ايندڙ تيز رفتار ٽرالر اسان مٿان چڙھي ويو فوت ٿيل ٻئي ڄڻا ڳوٺ حسين پاتو تعلقو فيض گنج ۽ زخمي نوجوان ساھت علي ڳوٺ قادر بخش تعلقو نارو ضلعو خيرپور جا رھواسي آھن جڏھن ته پوليس ٽرالر جي ڊرائيور کي گاڏي سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

إرسال تعليق

 
Top