GuidePedia

0
 ڀٽ شاهه(رپورٽر امتياز احمد ابڙو

ڀٽ شاهه ۾ هندو برادري پاران مذهبي تهوار هولي ڏهاڙو تمام گهڻي جوش،جذبي ۽ عقيدي سان ملهايو ويو جڏهن ته هولي ڏهاڙي جي حوالي سان مٽڪي ٽوڙڻ واري مقابلي جي رسم ۾ هندو برادري جي نوجوانن راجه ڪمار،مرزو،گيانچند،پريم ڪمار،رامچند،درشن لعل،پياري لعل،دولت رام ۽ ٻين وڏي انگ ۾ حصو وٺي شرڪت ڪئي مٽڪي ٽوڙڻ جي مقابلي ۾ هندو برادري پاران راجه باگڙي مٽڪو ٽوڙي هولي جو جشن ملهايو جڏهن ته هندو برادري جي نوجوانن هولي جي مذهبي ڏهاڙي تي  تمام گهڻا خوش نظر آيا ۽ خوشي مان نچندا ڪڏندا رهيا ۽ هولي ڏهاڙي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هولي جو ڏهاڙو اسان جو مذهبي ڏهاڙو آهي جيڪو اسان گهڻي خوشي ،جوش جذبي سان هر سال ملهائيندا آهيون هنن چيو ته هولي کان هڪ ڏينهن اڳ اسان ڪلڪا ديوي جو پتلو ٺاهي ان کي ساڙي پوءِ رنگن سان ڀريل مٽڪي ۾ وجهي مٽڪي ٽوڙي پاڻ کي ان جي رنگن سان رنگي خوشي جو جشن ملهائندا آهيون   

إرسال تعليق

 
Top