GuidePedia

0

ڀٽ شاه جي يونين ڪائونسل جو آفسر صاحب لاباري تي ويو آھي شھري حيران پريشان سوين شھري سرٽيفيڪٽن جي لا ءِ يونين ڪائونسل جا چڪر ڪٽڻ تي مجبور

خبر موجب“ ڀٽ شاه يونين ڪائونسل جي سيڪٽري جون من مانيون جاري سوين شھري ۽ ڳوٺاڻا آفيس جي ڪم ڪار جي لاءِ جيئين آفيس اچن ٿا ته اتي موجود مالي چوڪيدار ، ٻڌائن ٿا ته صاحب جي ٻني تي ان جو لابارو ھلي رھيو آھي ان ڪري سيڪٽري آفيس ڪو نه ٿو اچي ڪيترائي شھري پنجن مھينن کان آفيس جا چڪر ڪٽي رھيا آھن پر انھن جي ڪا به سنوائي نه ٿي رھي آھي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھيندي شھري چيو ته ھڪ ته يوسي سيڪٽري آفيس ڪو نه ٿو آچي ٻيو ته مختلف سرٽيفيڪٽن جا ريٽ مقرر ڪيل آھن نڪاه جي سرٽيفڪيٽ جا 500 کان 1000 ۽ فوتي سرٽيفيڪٽ جا 300 کان 600 تائين ورتا وڃن ٿا پر آفيس جا چڪر ڪاٽڻ کان پوءِ اسان کي پنھنجا سرٽفيڪٽ وڏي مشڪل سان ملن ٿا هن چيو ته اسان کي پنج مھينن کان مٿي ٿي ويا آھن پر يو سي سيڪٽري آفيس اچي ڪونه ٿو مالي ۽ پٽيوالا ويٺا آھن جيڪي ڪنھن به ڪم جا نه آھن الٽو اھي به آفيسر جي نه ھجڻ جو فائدو وٺندي شھرين جو منھن ئي پٽِي ٿا وڃن شھرين جو چوڻ آھي ته اھڙن سفارشي ڪرپٽ آفيسرن کي ڊي سي مٽياري جي سپورٽ آھي شھرين نيب ۽ ايف آئي اي کان ڪرپٽ يوسي آفيسرن جي خلاف انڪوائري ڪرڻ جو مظالبو ڪيو آھي

إرسال تعليق

 
Top