GuidePedia

0

ڀٽ شاه رپورٽ ؛. امتياز احمد ابڙو   
ڀٽ شاه ۾ قبضا خورن سرڪاري زمين تي قبضا ڪري تعميرات ڪرائي چڏي انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل شھر کي ماڊل بنائڻ جون حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت شھرين جي حڪومت کان قبضا ختم ڪرائي اسڪيمن تي عمل ڪرائڻ جي گھر
 
خبر موجب“ سنڌ حڪومت حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي جي آخري آرامگاه واري شھر ڀٽ شاه کي ملڪ جو ماڊل شھر ٺاھڻ لاءِ ڀٽ شاه ڊولپمينٽ پراجيڪٽ اٿارٽي نالي ھڪ ادارو قائم ڪيو جنھن ۾ ڪيترائي ملازم به رکيا ويا  شھر ۾ ترقياتي ڪم شرورع ڪيا ويا جنھن ۾ شھر ۾ پبلڪ اسڪول ، صوفي يونيورسٽي ، ڪراڙ ڍنڍ، گرلس اسڪول، جي اپ گريشن ، سرڪاري اسپتال جي ڪمرن ۾ واڌ سميت شھر جي روڊن ۽ گھٽين جي فرش بندي شامل ھئي شھرين کي مٺو پاڻي جي اسڪيم سميت ڪيترائي منصوبا شامل ھئا پر ڪا اسڪيم مڪمل نه ٿي سگھي ۽ بااثرن شھر ۾ سرڪاري زمين تي قبضا ڪري انھن تي پنھنجا گھر ۽ بنگلا ٺھرائي چڏيا ڪلچر، رونيو، اسپتال، بلديات، جي سرڪاري زمين تي قبضا ڪري اتي تعميراتي ڪم ڪرائي چڏيا آھن شھر جي سياسي ،سماجي ، مذھبي حلقن سنڌ حڪومت کان قنضا خورن خلاف سخت ڪاروائي جي گھر ڪندي ملوث ماڻھن کي سزاڏيڻ جو مظالبو ڪيو آھي 

إرسال تعليق

 
Top