GuidePedia

0

ڀٽ شاه رپورٽ ؛. امتياز احمد ابڙو   
ھالا ڀٽ شاه ۾ انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقن سان بيئنڪ عملي جون جٺيون غريب عورتن کي آي ٽي ايم مشينون ھٿ سان بند ڪري رشوت جي اوڳاري عيوض رقم ڏيڻ لڳا 
   انتظاميه تماشائي بڻيل


خبر موجب“ ھالا ڀٽ شاه سميت ضلعي مٽياري ۾ انڪم سپورٽ جي قسط ايندي ئي بنئڪن تي مقرر گارڊ پوليس اھلڪار سرگرم ٿيو وڃن مستحقن کان في ڪارڊ تي 200 کان 500 رپيا رشوت وصول ڪئي وڃي ٿي  رقم نه ڏيندڙ عورتن کي دربدر ڪيو وڃي ٿو پري پري کان ڀاڙا ڀري آيل عورتن جي پيھ بک ۽ اڃ سبب بي حال ٿيو وڃن چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آھن حڪومت نوٽيس وٺي گھر گھر رقم پھچائي وڃي عورتن کي ذليل ٿيڻ کان بچايو وڃي بنئڪن جي اي ٽي ايم مشينن جا شٽر بند ڪري غريب عورتن روڊن تي اس ۾ دربد ڪيو وڃي ٿو اڪثر ڪري بنئڪ جو عملو اي ٽي ايم مشين خراب آھي يا نه سروس نه ھجڻ جو چئي غريب عورتن کان 200 کان 500 روپيا ورتا وڃن ٿا شھرين انڪم سپورٽ جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ کان مظالبو ڪيو آھي ته بينئڪ عملي خلاف ۽ پوليس جي اھلڪارن خلاف سخت ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي 

إرسال تعليق

 
Top