GuidePedia

0
bhit shah MWM ke rehnuma prees confrins pic

ڀٽ شاهه (رپورٽر                                                           
سڀاڻي (اڄ) مجلس وحدت المسلمين پاران ڀٽ شاهه جي ملاکڙا گرائونڊ تي رٿيل ڪانفرنس جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جڏهن ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مجلس وحدت المسلمين جا ڪارڪن ۽ اهلتشيعي سان تعلق رکندڙ هزارين ماڻهون ڀٽ شاهه پهچندا

ڀٽ شاهه: پرويز مشرف پاڪستان جو آئين ٽوڙيو کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران ملڪ کان ٻاهر فرار ڪرايو ويو جنهن سان آمريت جي جيت ۽ جمهوريت جي هار ٿي آهي جيڪڏهن پاڪستان ۾ قانون ۽ عدالتن ۾ انصاف هجي ها ته ممتاز قادري گورنر کي قتل ڪري پاڻ ڦاسي تي نه چڙهي ها ،علامه اعجاز حسين بهشتي

27 مارچ تي ڀٽ شاهه ۾ مجلس وحدت المسلمين پاران رٿيل پاڪستان استحڪام ڪانفرنس جي حوالي سان مجلس وحدت المسملين جي مرڪزي اڳواڻ علامه اعجاز حسين بهشتي جي ڀٽ شاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس علامه اعجاز حسين بهشتي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مجلس وحدت المسلمين ملڪ ۾ امن و ڀائيچاري جي حامي آهي ان لاءِ ئي عوام جو اسان مٿان تمام گهڻو اعتماد آهي ۽ اسام امن،پيار ،محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ملڪ جي هر شهر،گهٽي ۾ پهچائي رهيا آهيون اسان ملڪ جي سلامتي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون هن چيو ته اسان هر قسم جي دهشتگردي انسان ذات تي ظلم کي حرام سمجهون ٿا هن چيو ته جيڪڏهن ممتاز قادري کي يقين هجي ها ته ملڪ جو قانون رسول الله صه جي شان ۾گستاخي ڪندڙ کي سزا ڏياريندو ته هو قانون هٿ ۾ کڻڻ بدران عدالت سڳوري ۾ وڃي ها هن چيو ته عدالتن کي جلدي فيصلو ٻڌائڻ گهرجي هن چيو ته اسان عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ايترو ڪم نه ڪيو آهي جنهن سبب اسان جا نمائيندا ايوان ۾ گهٽ آهن هن وڌيڪ چيو ته اسان طالبانن سان مذاڪرات ڪرڻ جا حامي نه هئا سين ڇا ڪاڻ جو طالبان مذاڪرات ڪرڻ کان اڳ هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ٻئي طرف آپريشن ضرب عضب جي حمايت ڪئي هن چيو ته خود خوش حملي لاءِ ٻارڙن کي تيار ڪندڙ مدرسن خلاف آپريشن ٿيڻ گهرجي پوءِ اهو شيعن جو مدرسو هجي يا سني يا ڪنهن به فرقي جو هجي هن چيو ته بلوچستان سميت پوري ملڪ ۾ آپريشن وڌيڪ تيز ٿيڻ گهرجي لاهور سميت رانا ثناءُ الله ۽ وزير اعلى ۽ ٻين خلاف به آپريشن ٿيڻ گهرجي هن چيو ته هندن جي حقن ۽ ووئٽن جو خيال رکڻ گهرجي هن چيو ته پاڪستان مسلمان ملڪ آهي هتي جو منتخب نمائيندو اهڙو هجڻ گهرجي جنهن کي توحيد جي خبر هجي ۽ ڪلمو پڙهي ڄاڻي هن چيو ته اسان کي فوج يا ڪنهن به ايجنسي ٽريننگ ناهي ڏني جن کي ٽريننگ ڏني وئي اهي فوج جو ڳلو ڪپي رهيا آهن جنهن کان پوءِ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ان وقت شروع ٿيڻ گهرجي ها جڏهن شيعه ،سني جي نالي سان انسانيت جو قتل ڪيو پئي ويو امام بارگاهن،مسجدن ،مدرسن ۽ ٻين عبادت گاهن ۾ بم ڦاڙيا ويا هن چيو ته ايئربيس ۽ فوجي ڇانوڻي حملي ۾ ڪير ملوث نڪتا 22 فوجين جو سر ڪنهن قلم ڪيو انهن سڀني کي جنرل ضياءَ جي دور ۾ فوج جي تربيت ڏني وئي هئي هن چيو ته دهشتگرد ڪنهن به فرقي سان تعلق رکندڙ هجي ڀلي اسان جي صف ۾ بيٺل اسان جو ڀاءُ هجي ان خلاف به ڪاروئي ٿيڻ گهرجي هن چيو ته 27 مارچ تي پاڪستان استحڪام ڪانفرنس جو مقصد عوام کي بيدار ڪرڻ آهي.

إرسال تعليق

 
Top