هالارپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هالا پريس ڪلب هالا جي سال 2016 جي نيٺ اليڪشن ٿي
گذري سروري پينل ۽ سرواڻ النوح پينلن ۾ جي اميدوارن ۾ جملي 21 ميمبرن تي مشتمل تي
ٿيل اليڪشن ۾ سرواڻ النوح پينل 12۽ جڏهن ته سروري پينل کي 9 ووٽ مليا.جڏهن ته هالا
پريس ڪلب هالا جي گذريل 12 سالن بعد ٿيل اليڪشن ۾ پرس ڪلب جي اڳواڻن عهديدارن ۽
ميمبرن کي مذڪوره اليڪشن کان ٻاهر رکڻ تي 20 کان مٿي صحافين جن جي اڳواڻي اڳوڻو
عهديدار اشفاق احمد ڏاهري،سيد حاڪم علي شاهه،محمد اشرف کماڻ،عمير احمد ميمڻ جن ڪري
رهيا هئا جن اليڪشن ڪميشن آفيسر صبغت الله انصاري،ميبر قاسم ڌاريجو آڏو سخت احتجاج
ڪندي کين مذڪوره اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جي احتجاج ڪندي پولنگ جو عمل روڪائي ڇڏيو جنهن
سبب ووٽ کان قاصرميمبرن ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي حمايتن ۾ سخت جملن جي
تلخ ڪلامي ۽ هڪٻئي جا ڳلن ۾ هٿ پوڻ جي نوبت اچڻ تي اليڪشن ڪميشن جي آفيسر ۽ سروري
پينل جي صدارتي اميدوار عبدالغفورميمڻ جي ذاتي ڪوشش ۽ ووٽ کان متاثر ميمبرن کي
نئين سر ميمبر ڪرڻ جي يقين ڌياني بعد انهن پاران اليڪشن ڪميشن جي آفيسر کي ڏنل
درخواست رسيو ڪرائڻ بعد انهن پاران پريس ڪلب جي چونڊ ڪاروائي هلائڻ ڏني ويئي.جڏهن
ته ٻئي طرف هالا شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن سان تعلق رکندڙ سياسي،سماجي،علمي ،ادبي،شهري
۽ صحافي تنظيمن جي اڳواڻن هالا پريس ڪلب هالا جي تاريخ ۾ باقاعده اليڪشن مهم ۽
جهموري طور اليڪشن ڪرائڻ ۾ عملي حصو وٺندڙ سروري پينل جي صدر عبدالغفورميمڻ(اداڀائو)۽سندس
ساٿي اميدوارن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته انهن هالا پريس ڪلب هالا جي ٻي بلڊنگ کي
وڪرو ڪرڻ کان بچائيندي هالا جي صحافين ۾ همت۽حوصلو پيدا ڪرڻ تي انهن کي مبارڪون
ڏيندي کين پنهجو ساٿ ڏيڻ جو مڪمل يقين ڏياريندي هالا پريس ڪلب هالا جي ترقي ۽
واڌاري لاءَ ساڻن هر ممڪن مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي
إرسال تعليق