GuidePedia

0


ڀٽ شاهه رپورٽ سهراب خان ڪاڪا
ڀٽ شاهه موري تي نيشنل هاءِ وي ڀرسان باگڙي برادري جي ٻن گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي ميونسيپل هالا ۽ ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه طرفان فائر برگيڊ عملو  2 ٻه ڪلاڪ دير سان پهتو، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب باگڙي برادري جي چنڊو باگڙي ۽ بادل باگڙي جي گهر جي ڇت،چئو طرف ڏنل لوڙهو، گهر ۾ رکيل
هنڌ،کٽون،ڪپڙا،پيتيون،ٿانو ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي ويو خاڪ ٿي ويو باگڙي برادري جي متاثره شخص چنڊو باگڙي ۽ بادل باگڙي صحافين کي ٻڌايو ته گهر کان ٻاهر ويٺا هئا سين ته اوچتو گهر جي ڪکن کي باهه وڪوڙي وئي جڏهن ته پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو ۽ ڪو به ماڻهون مدد لاءِ به نه پهتو هنن چيو ته گهر کي باهه لڳڻ کان پوءِ ٻئي گهر ۽  سامان سڙي خاڪ جو ڍير بڻجي ويا جنهن جي ٻن ڪلاڪن بعد فائر برگيڊ جو عملو پهتو جيسيتائين اسان جي ڪکن ۾ ڪجهه به نه بچيو باگڙي برادري جي متاثر چنڊو باگڙي ۽ بادل باگڙي حڪومت سنڌ ۽ ضلعي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس مالي مدد ڪري بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي.   


إرسال تعليق

 
Top