GuidePedia

0

ڀٽ شاه رپوٽر غلام قادر ٻرڙو
درگاهه حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه تي اوقاف کاتي جي ملازمن پاران نذراني ۾ هٿ چراند جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته درگاهه تي مقرر ٺيڪيدارن جي ڀٽائي جي زائرين سان زيادتيون پڻ جاري آهن جنهن سبب ڀٽائي جي زائرين،عقيدتمندن ۾ شديد ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي

خبر موجب“ سنڌ جي عظيم صوفي شاعر ۽ بزرگ حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي جي
 آخري آرامگاهه ڀٽ شاه درگاهه تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌ سميت پوري ملڪ مان ۽ غير ملڪن  ايندڙ عقيدت مند زائرين ۽ سياح روزانه ھزارن جي تعداد ۾ اچن ٿا پر محڪمي اوقاف جي غفلت ۽ لاپروائي جي سبب درگاه جي مک دروازي تي انھن کان فر لٽ جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو اوقاف جي طرفان زائرين ۽ شھرين جي جوتن جي حفاظت لاءِ ٺيڪو ڏنل آھي جيڪو سرڪاري شيڊول  کان سوين گناهه وڌيڪ رقم وصول ڪري رھيا آھن ته ٻئي پاسي اوقاف عملدارن ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سان ڪار پارڪنگ تي لوٽ مار ڪئي پئي وڃي جتي زائرين جي گاڏين کان سو کان ٻه سو روپيه وصول ڪيا پيا وڃن  ته وري  زائرين کان ليٽرين ۽ باتھ رومن جي في وصول ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي درگاه لطيف جي مزار ۾ رکيل نزاني جي پيتين تي محڪمي اوقاف جا ملازم  پاٿاري ھڻي ويٺا آھن جيڪي زائرين کي پيتي ۾ نزانو وجھڻ ئي نٿا ڏين زائرين جي ھٿن مان فري پنھنجي کيسن ۾ وجھي ٿا جڏين جڏھن ته محڪما اوقاف جي طرفان نزاني جي پيتين تي صاف لکيل آھي ته زائرين نزانو پيتين ۾ پنھنجن ھٿن سان پيتي ۾ وجھن درگاه لطيف تي مقرر ڪيل خادم جيڪي صفائي سٿرائي ڪرڻ جي بجاء زائرين جي کيسن جي صفائي ڪري رھيا آھن  ڀٽ شاه جي سياسي ، سماجي ، ۽ مذھبي حلقن وزير اعلي سنڌ گورنر سنڌ صوبائي وزير اوقاف سميت اعلي اختيارين کان مظالبو ڪيو آھي ته زائرين جيڪي شاه سائين جي عقيدت ۾ اچن ٿا تن سان محڪمي اوقاف ۽ ٺيڪيدارن جون لوٽ مار بند ڪرائي ملوث ملازمن ۽ ٺيڪيدارن جي خلاف قانوني ڪاروائي عمل اندي وڃي 

إرسال تعليق

 
Top