GuidePedia

0
ڀٽ شاهه رپورٽ ؛. امتياز احمد ابڙو
تعليم کاتي جي نااهلي سبب ڀٽ شاهه گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول  انيڪ مسئلن جو شڪار اسڪول اندر سهولتن جي کوٽ سبب شاگرد ۽ استاد پريشان آهن اسڪول جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار آهي ڪمرن جي ڇت مان چاپڙ ڪري رهيا آهن اسڪول جا ڪمراه ڪنهن به وقت ڪري سگهن ٿا جنهن سبب شاگرد ۽ استاد خوف ۾ ورتل آهن اسڪول اندر پيئڻ جي صاف ،مٺي پاڻي،سيڪيورٽي،باٿروم،ڪمرن سميت فرنيچر جي به کوٽ برقرار آهي شاگردن سهولتون نه ملڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ڀٽ شاهه بوائز ڪاليج ۽ صوفي يونيورسٽي کي ذاتي بلڊنگ نه هئڻ ڪري اسڪول جي نئين جوڙايل بلڊنگ ڪاليج ۽ يونيورسٽي کي ڏني وئي آهي جنهن ۾ شهر سميت ٻهراڙي ۽ آس پاس جي شهرن جا سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيا آهن اسڪول جي بلڊنگ اندر هڪ ئي جڳهه ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽي هئڻ سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم پرائڻ ۾ پڻ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ سيڪيورٽي پڻ نا مڪمل آهي تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي خدشن باوجود سرڪار طرفان هڪ به سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ناهي ڪيو ويو اسڪول ۾ شاگردن جو انگ تمام وڌيڪ آهي جڏهن ته اسڪول کي مليل جڳهه ۾ ڪمرا تمام گهٽ آهن گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ شاگردن ۽ استادن جي پيئڻ جو پاڻي تمام خراب ۽ پيئڻ جي لائق نه آهي جڏهن ته اسڪول جو خراب پاڻي پيئڻ سبب ڪيترائي شاگرد بيمار ٿي پيا آهن شهر جي سڄاڻ ڌرين وزير اعلى سنڌ، تعليم جي وزير، سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو آهي ته هاءِ اسڪول جي مڙني مسئلن کي حل ڪري اسڪول جي شاگردن کي سهولتون ڏنيون وڃن.   
  

إرسال تعليق

 
Top