GuidePedia

0
حيدرآباد رپورٽ ؛. شهباز مگسي
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد قاضي شاهد پرويز چيو آهي ته پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته اسين پنهنجن ٻارڙن کي  پوليو جهڙي موذي بيماري کان بچائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا ضرور پياريون ته جيئن اهي ٻارڙا هميشه لاءِ معذوري لاءِ کان محفوظ رهي سگهن _اها ڳالهه هن اڄ جاري پوليو مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ مختلف علائقن جي دوري دوران چئي _ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد معتصم عباسي  کان علاوه لاڳاپيل عملدار به موجود هئا_ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين کي چيو ته پوليو لا علاج بيماري آهي ان کان بچاءُ فقط پوليو جا ٻه ڦڙا آهن تنهنڪري پنجن سالن جي ڄمار وارن سمورن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن سندن گلن جهڙا معصوم ٻارڙا ان موذي بيماري جو شڪار نه بڻجن _ ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر  ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد معتصم عباسي کي هدايت ڪئي ته هو پوليو مهم  جو جائزو وٺڻ لاءِ مانيٽرنگ ٽيم  جوڙي  جيڪا مختلف يوسيز ۾ وڃي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته پنجن سالن جي عمر تائين جو ڪو به ٻارڙو  پوليو جاڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي _ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته معززين ، عالم سڳورن   ۽ اين جي اوز  جي ماڻهن کي ان قومي مهم ۾  شامل ڪيو وڃي ۽ اهڙن والدين کي ان موذي بيماري بابت آگاهي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيارڻ تي راضي ٿي وڃن _ هن چيو ته اهو اسانجو قومي فرض آهي ته اسين ان مهم ۾ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيون ته جيئن اها مهم ڪاميابي ماڻي سگهي . 

إرسال تعليق

 
Top