GuidePedia

0
bhit shah water siplay pic

ڀٽ شاهه رپورٽ امتياز احمد ابڙو
ڀٽ شاهه واسين لاءِ مٺو پاڻي وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ مليل  ڪروڙين روپيه چونڊيل نمائيندن ۽ ڪامورن ڳڙڪائي ڇڏيا آهن جڏهن ته واٽر سپلاءِ ذريعي شهر واسين تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ شروع ڪيل ڪم اڌ ۾ رهجي ويو آهي جڏهن ته
 
پاڻي جا لڳايل پائپ شهرين تائين پاڻي جي رسائي کان اڳ هنڌا هنڌا ٽٽي ڳري ويا آهن رهواسي پيئڻ جي مٺي پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آهن شهر ۽ ٻهراڙي جي
اسڪولن،ڪاليجز،اسپتال ۽ ٻين اهم ادارن ۾ پيئڻ جو پاڻي انساني جانين لاءِ هاڃيڪار آهي جنهن سبب اسڪول جي ٻارڙن ،اسپتال ۾ ايندڙ مريضن ۽ ٻين عام ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ آهن ڀٽ شاهه شهر واسي ۽ ڀرپاسي جا ڪيترائي ڳوٺ بهرام ميرجت،سيلم راهو، محمود شاهاڻي،گاهي خان ڇڄڙو،دودو ميرجت،محمود ٿهيم،درياءَ خان ٽالپر،حاجي صديق راهو،فوٽو ڄڙهه ۽ ٻين ڳوٺن جا رهواسي جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن جر جو زهريلو پاڻي پيئڻ سبب شهري توڙي ڳوٺاڻا هيپاٽائٽس بي،سي،چمڙي،خارش سميت پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن انتظاميه ڀٽ شاهه شهر سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ مٺي پاڻي جو انتظام ڪرڻ ۾ سنجيدگي ظاهر نه ڪئي آهي جڏهن ته آر او پلانٽ لڳائڻ وارو منصوبو پڻ ناڪام ٿي چڪو آهي  ڀٽ شاهه شهر سميت ڀرپاسي جي اڪثر ڳوٺن ۾ آر او پلانٽ لڳي نه سگهيا آهن جڏهن ته ڪجهه جاين تي شروعاتي لڳل آر او پلانٽ سالن کان وٺي غير فعال بڻيل آهن جنهن سبب ڳوٺاڻا پري پري وارن علائقن مان پيرين پنڌ پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آهن ڳوٺ بهرام ميرجت ۾ لڳل مٺي پاڻي جو آر او پلانٽ موٽر جي خرابي سبب سالن کان وٺي بند پيل آهي ڳوٺاڻن پاران  ڊي سي مٽياري سميت لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کي درخواستون پڻ ڏنيون آهن پر ڪنهن به هن طرف ڌيان ڏيئي مٺي پاڻي جو پلانٽ چالو نه ڪرايو آهي جڏهن ته علائقي جو پاڻي خراب هجڻ جو فائدو وٺندي ڪاروباري ماڻهن مٺي پاڻي جو انتظام ڪري هڪ گيلر 100 کان 200 روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن سرندي وارا  پئسن عيوض پاڻي خريد ڪريو وڃن ٿا پر غريب طبقو پاڻي پئسن عيوض خريد ڪرڻ لاءِ لاچار بڻيل آهي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته اعلى اختياريون نوٽيس وٺي ڀٽ شاهه شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ مٺي پاڻي جو انتظام ڪري واٽر سپلائي اسڪيم ٻيهر شروع ڪري  بند پيل آر او پلانٽ ٻيهر بحالي لاءِ قدم کڻي .   

  


إرسال تعليق

 
Top