GuidePedia

0

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ
مجلس وحدت المسلمين ضلعي مٽياري پاران 27 مارچ بروز آچر ڏهاڙي ڀٽ شاهه ملاکڙا گرائونڊ ۾ منعقد ڪيل ڪانفرنس بيداري امت،استحقائم پاڪستان جي نالي منعقد ڪيل 

تقريب ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايم ڊبليو ايم جا هزارين عهديدار۽ ميمبر شرڪت ڪندا.
ملڪ ۾ قانون نالي ڪابه شِي نظر نه پئي اچي آمر پرويز مشرف کي ڪهڙي قانون تحت ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي آهي ملڪ جي آئين سان کليو مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ ڪوبه قانون ناهي.اهڙن خيالن جو اظهار مجلس وحدت المسلمين جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا ناصر عباس جعفري،مرڪزي اڳواڻ آغااعجازبهشتي،علامه يعقوب حسين،صوبائي اڳواڻ علامه مختيار امامي،ضلعي سيڪريٽري اختر حسين قمي سان گڏ هالا پريس ڪلب هالا ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جي آئين ۾ واضع آهي ته ملڪ جي حڪمراني اهو هوندو جيڪو امين ۽ مفلص هوندو مگر هتي انجي ابتر هلي رهيو آهي ملڪ جو وزيراعظم نواز شريف ڪرپشن جو بادشاهه بڻيل آهي مگر ان کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي ان پاران ملڪ جا اهم اساسا وڪرو ڪرڻ ۽ انهن کي پاڻ خريد ڪري ملڪ کي نقصان پهچائي رهيو آهي هن چيو ته ملڪ ۾ قانون صرف هيٺين طبقي جي عوام لاءَ آهي امير کان ڪابه پڇا ڳاڇا ناهي ٿيندي پرويزمشرف انجو مثال آهي مذڪوره جوابدار هڪ ڏينهن به عدالت جي ڪٽهري ۾ نه ويو.هن چيو ته ملڪ جي اليڪشن ڪميشن خود ڪميشن جي ور چڙهيل آهي ۽ اهي نااهل ماڻهن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏ يئي ملڪ ۾ نااهل نمائندن کي چونڊ رائي رهي آهي.ملڪ ۾ قانون ٺاهڻ وارا پاڻ ئي قانون جي لتاڙ ڪري ملڪ ۾ لاقانونيت ڦهلائي رهيا آهن.ماڊل ٽائون واقعي ۾ ملڪ جي وزيراعظم ميان نوازشريف جي حڪم تي عورتن ۽ ٻارن تي سڌيون گوليون هلايون ويون.ملڪ جي عوام کي امن کپي ان لاءَ اگر ڪنهن غير مذهب کي وزيراعظم بڻايو ويو ته ڪو به هرج ناهي.نواز شريف امين ۽ صادق ناهي ملڪ جي آئين تي مڪمل عمل ڪريو وڃي.ان موقعي تي ايم ڊبليو ايم جي مرڪزي اڳواڻن چيوته مجلس وحدت المسلمين ضلعي مٽياري پاران 27 مارچ بروز آچر ڏهاڙي ڀٽ شاهه ملاکڙا گرائونڊ ۾ منعقد ڪيل ڪانفرنس بيداري امت،استحقائم پاڪستان جي نالي منعقد ڪيل تقريب ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايم ڊبليو ايم جا هزارين عهديدار۽ ميمبر شرڪت ڪندا.ان پريس ڪانفرنس ۾ ايم ڊبليو ايم ضلعي مٽياري جا اڳواڻ جن۾سيد فران علي شاهه، همير علي ميمڻ،ساجد علي ارباب،عابد علي ميمڻ سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا

إرسال تعليق

 
Top