GuidePedia

0


حيدرآباد ؛. ڊيسڪ نيوز  

ف ليگ اڳواڻ ڄام مدد علي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي ، بيروزگاري ، بدحالي ۽ مهانگائي عروج تي هجڻ ڪري غريب ماڻهو فاقاڪشي ۾  ۾ مبتلا ٿي ويا آهن حيدرآباد ۾ شهباز بلڊنگ  ۾ آل روينيو ايمپلائيز پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ قائم بک هڙتالي ڪئمپ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا ماستر روينيو ملازم توڙي ايڇ ڊي اي جا ملازم پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ سالن کان وٺي احتجاج ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت جي جسم تي جوءِ به نٿي چري ملڪ جي ٻين صوبن سمورن کاتن جي ملازمن کي اپ گريڊ ڪرڻ سميت آفيشلي سب سهولتون ڏنيون آهن پر سنڌ جا حڪمران ملازمن کي ڪابه سهولت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن جيڪڏهن ملازمن احتجاج ڪن ٿا ته انهن مٿان واٽر ڪين شيل اڇلائي تشدد ڪري احتجاج کان روڪيو ٿو وڃي . جيڪڏهن  سنڌ حڪومت جو اهو رويو رهيو ته سنڌ جي ملازمن ۾ بيچيني وڌي ڏيندي ۽ اڌارا ترقي بجاءِ تباه ٿي ويندا. ڄآم مددد علي چيو ته 4 اپريل تي روينيو ملازم شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي مزار تي احتجاج ڪندا جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته فنڪشنل ليگ به انهن سان گڏ هوندي، هن هڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس ۽ الزام تراشيون هن جي پارٽي جو اندروني معاملو آهي ڪنهن به پارٽي تي هو ڪمينٽ نٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي ايمپلائيز يونين جو اڳواڻ سيد سردار شاه ، ف ليگ اڳواڻ زبير ميمڻ ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا.

إرسال تعليق

 
Top