GuidePedia

0
ڀٽ شاهه(رپورٽ  اختيارعلي ميرجت ۽ امتياز احمد ابڙو  
 ڀٽ شاهه ۾ 12_12 ڪلاڪ بجلي بند ٿيڻ معمول بڻجي وئي آهي حيسڪو پاران درگاهه ڀٽ ڌڻي سميت شهر ۾ هر ٻن ڪلاڪن بعد بجلي بند ڪئي پئي وڃي ڀٽائي رحه جي درگاهه تي  24 ڪلاڪ زائرين جي آمد جوسلسلو جاري آهي تنهن هوندي به حيسڪو پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري زائرين ۽ عقيدتمندن کي پريشان ڪيو پيو وڃي

 لوڊشيڊنگ سبب درگاهه ڀٽ ڌڻي تي دلي مرادون کڻي ايندڙ زائرين ۽ مسافرن ۽ نمازين کي سخت مشڪلات پيش اچي رهي آهي بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿيڻ ڪري مسجدن ۽ درگاهه اندر وضو خانن جو پاڻي بند ٿيو وڃي جنهن سبب  زائرين ۽ نمازين کي سخت تڪليف ٿي رهي آهي ان سان گڏ درگاهه جي اڱڻ ۾ راڳي فقيرن پاران اسپيڪرن ذريعي 24 ڪلاڪ ڀٽائي جو راڳ چيو وڃي ٿو ان دوران بجلي بند ٿيڻ سبب ڀٽائي جو ڪلام هر ماڻهون تائين نٿو پهچي سگهي جڏهن ته درگاهه تي هر طرح جي چر پر تي نظر رکڻ لاءِ سيڪيورٽي ادارن موجب اوقاف کاتي پاران لڳايل سرڪٽ ڪئيمرائون پڻ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري بند ٿيو وڃن اهڙي عمل سان درگاهه ڀٽ ڌڻي تي هر گهڙي دهشتگردي جو خطرو رهي ٿو ۽ درگاهه اندر  چورن کي به موقيو مليو وڃي ۽ هو زائرين.مسافرن جو رکيل سامان،پئسا،موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان چورايو وڃن ۽ ڪيترن ئي زائرين جا اونڌاهه ۾ کيسا پڻ ڪٽجي وڃن ٿا بجلي بند ٿيڻ سبب شهر جو بجلي تي هلندڙ ڪاروبار تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي ان کان علاوه  رات جو ڪنهن به وقت بجلي جي بند ٿيڻ سبب چور اونڌاهه جو فائدو وٺندي شهر جي ڪيترن ئي دڪانن مان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان پڻ جو ٻهاري ويا آهن جن سان واپاري دڪاندار ماڻهن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي بجلي جي اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ سبب شهرين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي حيسڪو وارا رات جو ڪنهن به وقت بجلي بند ڪري ڇڏين ٿا  جنهن سبب شهرين جون راتين جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن جڏهن ته مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي مڇر جي چڪ سبب ننڍڙا ٻار توڙي وڏا مليريا ،گيسٽرو ،الٽي ۽ ٻين بيماري ۾ مبتله ٿي ويا آهن  ياد رهي ته سپريم ڪورٽ سڳوري جي اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوهدري ڪجهه وقت پهرين ڀٽ شاهه جي دوري دوران شهرين ،زائرين ۽ مسافرن جي سهولت لاءِ درگاهه سيوهڻ شريف ۽ درگاهه ڀٽ ڌڻي جي لاءِ مخصوص ڪيل فيڊرن تي حيسڪو کي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اهڙو حڪم جاري ڪيو هو اهڙي حڪم بعد اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوهدري جي مقرري تائين حيسڪو پاران درگاهه ڀٽ ڌڻي تي لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وئي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جي رٽائرڊمينٽ ٿيڻ شرط ئي حيسڪو پاران درگاهه ڀٽ ڌڻي سميت شهر جي فيڊر تي  بنا شيڊول جي ڪنهن به وقت لوڊشيڊنگ ڪرڻ وارو عمل جاري آهي شهرين پاران حيسڪو تي تمام گهڻي غصي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ چيو آهي ته اي سي نواب شاهه فاروق افغان ۽ ايڪسين ٽنڊوآدم محمد روشن اوٺو درگاهه ڀٽ ڌڻي ۽ ان جي شهر ۾ بنا شيڊول ۽ اطلاع جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهن جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا هوڏانهن شاهه لطيف فائونڊيشن جي چيئرمين ۽ درگاهه ڀٽائي رحه جي سجاده نشين سيد وقار حسين شاهه پاران حيسڪو پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ تي تمام گهڻو ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ جون درگاهون اڳ ۾ ئي سيڪيورٽي جي حوالي سان حساس قرار ڏنيون ويون آهن جن ۾ درگاهه ڀٽ ڌڻي پڻ شامل آهي پر تنهن هوندي به حيسڪو پاران درگاهه ڀٽ ڌڻي تي بلا جواز هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سان درگاهه جي سيڪيورٽي تمام گهڻي متاثر ٿي رهي آهي جيڪا افسوس جهڙي ڳالهه آهي شاهه لطيف فائونڊيشن جي چيئرمين ۽ درگاهه ڀٽائي رحه جي گادي نشين چيو ته سپريم ڪورٽ سڳوري جو موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان ڀٽ ڌڻي جي درگاهه تي هٿرادو بجلي جي لوڊشيڊنگ جو از خود نوٽيس وٺي شهرين چيو آهي ته بجلي جو وزير عابد شير علي،سنڌ جو وزير سيد قائم علي شاهه ،سي اي او حيسڪو ۽ اعلى عملدار پڻ  نوٽيس وٺي حيسڪو پاران درگاهه تي لوڊشيڊنگ ڪري زائرين کي پريشان ڪرڻ وارو عمل بند ڪرائين ۽ ڪورٽ سڳوري جي احڪامن تي عمل ڪرائين هوڏانهن شهرين سياسي وسماجي اڳواڻن ۽ سڄاڻ ڌرين ڀٽ شاهه شهر ۽ درگاهه جي بجلي ۾ حيسڪو پاران هٿرادو لوڊشيدنگ ختم ڪرڻ جو پرزور مطالبو ڪندي شهر ۾ هڙتال ڪري روڊن تي احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.  


إرسال تعليق

 
Top