ڀٽ
شاهه ؛ رپورٽ ؛رجب علي بوزدار
مٽياري
ضلعي اندر عطائي ڊاڪٽرن پنهنجا ديرا ڄمائي ورتا آهن صحت کاتي سميت ضلعي انتظاميا
جي نااهلي سبب ڀٽ شاهه ، هالا ، نيو سعيد آباد ، کنڊو اسٽاپ سميت اڪثر ڳوٺن ۾ جعلي
ڊاڪٽر ضلعي انتظاميا توڙي صحت کاتي جي ڪامورن سان ڳٺ جوڙ ڪري عوام جي زندگين سان
کيڏي رهيا آهن ڪير بـ انهن جعلي ڊاڪٽرن توڙي بنا لائسنس جي قائم ڪيل ميڊيڪل اسٽورن
خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نـ آهي ضلعي اندر ڊپٽي ڪمشنر ، ڊي ايڇ او ۽ ڊرگ انسپيڪٽر
طرفان عطائي ڊاڪٽرن توڙي بنا لائسنس جي قائم ڪيل اسٽورن خلاف شڪايتن باوجود هن وقت
تائين ڪا بـ ڪارروائي عمل ۾ اچي نـ سگهي آهي جنهن مان لڳي ٿو تـ ضلعي انتظاميا توڙي
صحت کاتي طرفان شايد ڪاسائي جو روپ ۾ عوام جي زندگين سان کيڏندڙ عطائي ڊاڪٽرن کي مڪمل
ڇوٽ مليل آهي ،لطيف جي نگري ڀٽ شاهه ۽ آسپاس 100 جي لڳ ڀڳ عطائي ڊاڪٽرن پنهنجا غير
قانوني ڪلينڪ قائم ڪري ڇڏيا آهن جتي سيکڙاٽ عطائي ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر بغير ڊگرين جي
ٻنهي هٿن سان عوام کان ڦرلٽ ڪري انهن جون زندگيون تباهه ڪري رهيا آهن اڪثر عطائي ڊاڪٽرن
جي ڪلينڪن تي جعلي بورڊ پڻ لڳل آهن جتي
سيکڙاٽ ڊاڪٽرن ڪجهه ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن جي نالي تي جعلي بورڊ قائم ڪري عوام کي
بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ انهن عطائي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تـ ڪلينڪ ايم بي
بي ايس ڊاڪٽرن جو آهي جيڪو پڻ ايندو رهندو آهي مگر اها ڳالهه حقيقت جي ابتڙ هوندي
آهي انهن ڪلينڪن تي اهي ڊاڪٽر هوندا آهن جيڪي سيکڙاٽ آهن ڀٽ شاهه ۾ شاهه حبيب چوڪ
، شيخ محلي ، ٻگهيا محلي ، لطيف ڪالوني ، اسٽيشن روڊ ، شاهي بازار ۽ ٻين هنڌن تي
جعلي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون قائم آهن جڏهن تـ ٻين ڪيلنڪن تي موجود جيڪي پاڻ کي مختلف ڊگرين
ذريعي ڊاڪٽر سڏرائيندڙن جو چوڻ هو تـ اسان سان ڪنسلٽنٽ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهن جيڪي
ڪلينڪن تي ايندا رهنداآهن جڏهن تـ ڪيترن
اهو بـ اعتراف ڪيو تـ عملدار اسان خلاف ڪا بـ ڪارروائي نٿا ڪن ،،
ڀٽ
شاهه ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي هٿان ڪيترائي مريض پنهنجون حياتيون بـ وڃائي چڪا آهن ،
جعلي ڊاڪٽرن
پنهنجي ڪلينڪن سان گڏوگڏ بنا لائسنس جي ميڊيڪل اسٽور بـ قائم ڪري ورتا آهن جتي اڪثر 2 نمبر ۽ غير رجسٽرڊ دوائون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون شهرين توڙي ساڃاه وند ڌرين پاران مختلف وقتن تي شڪايتن باوجود ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضا شيخ ، ڊي ايڇ او مٽياري عبدالستار انصاري توڙي ڊرگ انسپيڪٽر جي ڪن تي ڪا جونءَ بـ چري نـ سگهي آهي نـ ئي صحت کاتي جي اعلا اختيارين ڪو نوٽيس ورتو آهي فقط عملدار ڪارروائي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا رهن ٿا مگر عمل ڏسڻ ۾ نٿو اچي ، ڪجهه ڏينهن پهرين ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضا شيخ ضلعي اندر عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو جڏهن تـ ڊي ايڇ او مٽياري عبدالستار انصاري رابطي ڪرڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تـ جلد ڪارروائي ڪئي ويندي مگر انهن جي هڪ بـ اعلان تي عمل ٿي نـ سگهيو آهي ضلعي اندر عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون توڙي بنا لائسنس جي ميڊيڪل اسٽور جيئن جو تيئن
قائم ٿيل آهن جنهن جي شهرين پڻ سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ،،

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي تـ صحت کاتي جو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر پاڻ مرادو نوٽيس وٺي مٽياري ضلعي جي هالا ، نيوسعيد آباد ۽ ڀٽ شاهه ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي غير قانوني قائم ڪيل ڪلينڪن توڙي بنا لائسنس جي ڪم ڪندڙ ميڊيڪل اسٽورن کي بند ڪرائي عوام جون زندگيون بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ جعلي ڊاڪٽرن سان ڳٺ جوڙ ۾ ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي جڏهن تـ جعلي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن تي لڳايل ڪوڙين ڊگرين جا بورڊ ختم ڪرائي عوام جي زندگين سان هٿ چراند ڪندڙ عطائي ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري انهن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن تـ جيئن ٻيهرڪير بـ مسيحا جي روپ ۾ معصوم زندگيون اجاڙڻ جي ڪوشش نـ ڪري ،
إرسال تعليق