GuidePedia

0


هالارپورٽ : نديم مڱريو  12-03-2016
نالي وارو سينيئر صحافي، سياسي سماجي اڳواڻ، پنهنجي قلم وسيلي هالا جي عوام جا ڏک درد ايوانن تائين پهچائيندڙ نانا ڌڻي بخش ميمڻ اچانڪ دل جو دورو پوڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، نانا ڌڻي بخش ميمڻ فجر جي نماز پڙهي اخبارون کڻڻ لاءِ جيئن ئي گهران نڪري رهيو هو ته کيس اچانڪ دل جو دورو پئجي ويو جنهن سبب هو هن فاني دنيا کي هميشه لاءِ الوداع چئي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، سندس جنازي نماز حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جي احاطي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ هالا جي شهرين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سروري جماعت جي اڳواڻ محمد بچل مغل، زنوار فقير حسين علي جعفري، فنڪشنل ليگ اڳواڻ نصير احمد ميمڻ، ميمڻ اتحاد جو اڳواڻ سيٺ حاجي قادر بخش ميمڻ، عوامي اتحاد اڳواڻ منير احمد ارباب، ڪامريڊ شير محمد ڏاهري، عامر بهزاد ميمڻ، سنڌ سڪار سوسائٽي جي چيئرمين سردار اياز ميمڻ، جسقم ضلعي مٽياري جي اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو، پاڪستان مسلم ليگ ن هالا جي صدر سيد حاڪم علي شاهه، شانتي ڊيولپمينٽ جي اڳواڻ آڪاش ميمڻ، وحيد ميمڻ، محمد علي ميمڻ، ڊاڪٽر فريد ميمڻ، قاضي مسرور، کان علاوه هالا، ڀٽ شاهه، مٽياري، نيو سعيدآباد جي صحافين عبدالغفور ادا ڀائو ميمڻ، رستم سمون، نديم مڱريو، اشتياق شيخ، عبدالرحمان ڪشميري، افتخار ميمڻ، منصور حياتبلوچ، عبدالرزاق ميمڻ، امداد چانگ، مختيار ڪيريو، انوارالحق ميمڻ، فيروز گل ٿهيم، عمير ميمڻ، الاهي بخش ابڙو، غلام حسين غازي، شهاب الدين ڪوريجو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد کيس سندس اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.



سينيئر صحافي نانا ڌڻي بخش ميمڻ جي وفات بعد پريس ڪلب هالا جون رٿيل چونڊون اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين صبغت الله انصاري اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪندي چيو ته سينيئر صحافي نانا ڌڻي بخش ميمڻ جي وڇوڙي سبب پريس ڪلب هالا جون رٿيل چونڊون ملتوي ڪيون وڃن ٿيون ۽ نئين چونڊجي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.




سينيئر صحافي نانا ڌڻي بخش ميمڻ پنهنجي صحافت جو آغار 1990 کان شروع ڪيو ۽ مسلسل 26 سال صحافت جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو، پنهنجي صحافتي سفر ۾ مختلف وقتن تي مختلف ننڍين وڏين اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن سان وابسطه رهيو ۽ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، نانا ڌڻي بخش ميمڻ پريس ڪلب هالا جو صدر به رهيو ۽ پريس ڪلب هالا جي فلاح و بهبود لاءِ مرڻ گهڙي تائين پاڻ پتوڙيندو رهيو،جڏهن ته سال 2016 ۽ 2017 جي پريس ڪلب جي چونڊ ۾ اميدوار پڻ هو.

إرسال تعليق

 
Top