GuidePedia

0

آمريڪي رياست پنسلوانيا ۾ فائرنگ،4 عورتن سوڌو 5 ڄڻا مارجي ويا

نيويارڪ:آمريڪي رياست پنسلوانيا ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 4 عورتن سوڌو 5 ڄڻا مارجي ويا، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق پنسلوانيا جي شهر پٽس برگ جي رهائشي علائقي ۾ هڪ پارٽي دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو، آمريڪي اختيارين ٻڌايو ته ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪري ماڻهن کي نشانو بڻايو ۽ پوءِ پنڌ ئي واقعي واري هنڌان ڀڄي ويا، جن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، آمريڪي ميڊيا مطابق فائرنگ ۾ مارجي ويل 5 ڄڻن ۾ 4 عورتون شامل آهن، جڏهن ته 3 ٻيا ماڻهو زخمي پڻ ٿيا، جن کي اسپتال پهچايو ويو، پٽس برگ جي جنهن ڪائونٽي ويڪنز برگ ۾ اهو واقعو پيش آيو، ان جي آبادي 16 هزار ماڻهن تي ٻڌل آهي ۽ اتي گهٽ آمدني وارا يا پيڙهيل طبقي جا ماڻهو رهن ٿا. واضح هجي ته آمريڪا ۾ فائرنگ جا اهڙا واقعا وڌي ويا آهن، جن ۾ خاص طور تي تعليمي ادارن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو.

إرسال تعليق

 
Top