GuidePedia

0
هالارپورٽ :.  نديم مڱريو
سينيئر صحافي نانا ڌڻي بخش ميمڻ جي وفات تي سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ روينيو سنڌ جي صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان عاطف، ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان، مخدوم عمار حيدر، مخدوم فخر الزمان ۽ ٻين سندس پونئيرن ۽ صحافين سان فون تي رابطو ڪري نانا ڌڻي بخش جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هالا جي صحافت کي نروار ڪرڻ ۾ نانا ڌڻي بخش جو تمام وڏو ڪردار هيو هن پنهنجي قلم وسيلي سدائين حق ۽ سچ لکيو، ڏينهن هجي يا رات هو سدائين عوام جي مسئلن جي لاءِ آخري گهڙي تائين جاکوڙيندو رهيو، هنن چيو ته نانا ڌڻي بخش جو وڇوڙو هالا جي صحافت لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي ۽ سندس خال صدين تائين نٿو ڀرجي سگهي. عوام جو درد دل ۾ رکندڙ نانا ڌڻي بخش جهڙا ماڻهو دنيا ۾ تمام گهٽ پئدا ٿيندا آهن.

سينيئر صحافي نانا ڌڻي بخش جي وفات تي سندس پونئينرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، هالا، ڀٽ شاهه، مٽياري ، نيو سعيدآباد، هالا پراڻا، ڀاڻوٺ ۽ ٻين علائقن جي صحافين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ممتاز ٻلال، خورشيد ٻگهيو، محمد قاسم قمبراڻي، امتياز ميمڻ، زاهد ڪاڪا، منير احمد خاصخيلي، راجا ميمڻ، رجب بوزدار، معشوق قمبراڻي، ساجن ميرجت، مستقيم سمون، اختيار ميرجت، امتياز ابڙو، گل حسن راجپوت، شاهد شمس، بابو خاصخيلي، محمد حسن صوفياڻي، مشتاق ميمڻ، قربان ڪيريو، محمد رحيم ملاح ۽ ٻين تڏي تي پهچي مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي، جڏهن ته مرحوم هڪ گهرواري ۽ ٻه نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن،

إرسال تعليق

 
Top