GuidePedia

0

هالارپورٽ :.  نديم مڱريو
مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول جي طرفان پوليو مهم جي سلسلي ۾ اسڪولي شاگردن ۽ استادن سيد ولي محمد شاهه، عبدالرشيد ميمڻ، الهڏنو سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب هالا تي پهتي جتي استادن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته پوليو هڪ خطرناڪ بيماري آهي جنهن کان بچاءُ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي ته پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ٻه قطرا پياريو ۽ کين هميشه جي لاءِ معزوري کان بچايو، هنن چيو ته اسان کي پوليو پيارڻ لاءِ ايندڙ ٽيمن سان سهڪار ڪرڻ گهرجي ان موقعي تي صدام حسين ملاح، محمد اسلم لاکو، محمد عمران ميمڻ ۽ ٻين پڻ ريلي کي خطاب ڪيو.


إرسال تعليق

 
Top